آرمي چيف ڪنهن جي چوڻ تي آمريڪي حڪومت سان رابطو ڪيو؟ اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  آرمي چيف قمر جاويد باجوا آءِ ايم ايف کان فنڊز جلد جاري ڪرائڻ لاءِ وزير اعظم شهباز شريف جي واضح اجازت کانپوءِ ئي آمريڪي حڪومت سان رابطو ڪيو هو.

سرڪاري ذريعن موجب وزير اعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ انهيءَ دوران ڪجهه معاملن تي  اتفاق ٿيو هو.

ٻين معاملن کانسواءِ اها تجويز به ڏني وئي ته آرمي چيف آمريڪي حڪومت سان رابطو ڪري ۽ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي درخواست ڪري ته آءِ ايم ايف ترت پاڪستان کي فنڊز جاري ڪري.

وزير اعظم آرمي چيف کي اجازت ڏني ۽ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ آرمي چيف وزير اعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو.

ذريعن ٻڌايو ته سويلين ۽ ملٽري قيادت اِن معاملي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ته ملڪ جي معيشت کي بحران مان ڪيئن ڪڍجي، آمريڪي انتظاميا سان رابطو انهن آپشنز مان هڪ هو، جنهن بابت پاڪستاني اختياريون ملڪ کي معاشي چئلينجز مان ڪڍڻ لاءِ قدم کڻي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.