بلوچستان ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 136 ڄڻا فوت، گهر، پُلون ۽ روڊ رستا لڙهي ويا

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان ۾ برستاتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.

صوبائي ڊيزاسٽر مئنجمنٽ اٿارٽي موجب ٻوڏ وهڪرن سبب مختلف حادٽن ۾ هنيئر تائين 47 ٻارن سميت  136 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته برساتن دوران مختلف حادثن ۽ واقعن دوران 70 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

پي ڊي ايم اي رپورٽ موجب برساتن سبب 13535 گهن نقصان پهتو ۽ 3406 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، مختلف ضلعن ۾ 16 پلن ۽ 640 ڪلوميٽر رستن کي نقصان پهتو

پي ڊي ايم اي موجب برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ 23 هزار ڍور به لڙهي مري ويا،ٻوڏ وهڪرن سبب 8 ڊيم ۽ ڪيئي حفاظتي بند متاثر ٿيا جڏهن ته برساتن دوران  هڪ لک 98 هزار ايڪڙن تي پوکيل فصلن کي  به نقصان پهتو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.