بلوچ هٿياربند ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اپيل آهي ته هاڻي بس ڪريو: مالڪ بلوچ

تربت(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچ هٿياربند تنظيمن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اپيل ڪئي آهي ته خدا جي واسطي هاڻي بس ڪريو، بلوچستان ۾ جيڪا باهه لڳل آهي، ان کي هاڻي وسايو، اها باهه بلوچ کي تباهه ڪري رهي آهي، بلوچ ۽ بلوچستان هاڻي وڌيڪ تباهي جي سٽ نٿا سهي سگهن، ٻنهي طرفن کان بلوچ جو نقصان ٿي رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد مولابخش دشتي جي ٻارهين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ملڪي صورتحال کي ڏسندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته عام چونڊون تمام جلد ٿينديون، ان ڪري ڪارڪن جنرل اليڪشن جي ڀرپور تياري شروع ڪن، هن چيو ته نيشنل پارٽي شهيدن جي امانت آهي، واجه مولابخش دشتي بهادر، ايماندار ۽ دلير ساٿي هو، هن چيو ته اها جنگ بند نه ڪئي وئي ته خبر ناهي ڪيترن بلوچ نوجوانن جا لاش ويرانن مان هٿ ايندا، ڪو غدار ۽ مخبري جي نالي تي نشانو هوندو ته ڪو ملڪ دشمني جي ور چڙهي ويندو، بلوچ دربدر ٿي رهيو آهي، ان جنگ بلوچ قوم کي وڏو نقصان پهچايو آهي، اڄ ڪوهلو، مند، تمپ سميت گهڻا علائقا ويران آهن، ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، ان کان وڏي بدقسمتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هاڻي فٽبال گرائونڊ به بم ڌماڪن جو نشانو بڻجي رهيا آهن، هن چيو ته تازين برساتن بلوچستان ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، رڳو ٻيلي ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن، پر ڪنهن کي ڪو احساس ناهي، آبادگارن جي سال جي محنت لڙهي وئي، بارڊر کان ڪاروبار روڪيو پيو وڃي، جان محمد بليدي چيو ته بلوچستان ۾ لڳل باهه کي وسائڻ ۾ نه ڪنهن سردار کي دلچسپي آهي نه ملان کي نه ئي مصنوعي پارٽي کي، بلوچستان کي باهه کان نيشنل پارٽي ئي بچائي سگهي ٿي، جلسي کي واجه ابوالحسن، جسٽس(ر) شڪيل احمد بلوچ، محمد جان دشتي، بي ايس او پجار جي بوهير صالح، پ پ ڪيچ جي صدر حاجي قدير احمد بلوچ، منصور بلوچ، نادر قدوس ۽ ٻين خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.