حڪومت جو اٽارني جنرل کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  جڊيشل ڪميشن جو اجلاس جنهن طرح تڪراري بڻيل آهي، ان ۾ وڏو ڪردار اٽارني جنرل اشتر اوصاف جو آهي.   ان ڪري اتحادي حڪومت ان کي تبديل  ڪرڻ ۽ چيف جسٽس خلاف  مختلف الزامن تي ٻڌل  ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نامياري صحافي ۽ تجزئي نگار ڊاڪٽر دانش ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته حڪومت ايڊووڪيٽ عرفان قادر کي اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ ۽ ايڊووڪيٽ اشتر اوصاف کي هٽائڻ جو فيصلو  ڪري ورتو آهي،  ان جو ڪارڻ جڊيشل ڪميشن ۾ حڪومت جي ڌر تي واضح موقف اختيار نه ڪرڻ ۽ منجهيل غير واضح موقف اختيار ڪرڻ آهي، منهنجي خيال ۾ حڪومت  جو اهو فيصلو ۽ پي ٽي آءِ ايم اين ايز جون استعيفائون منُظر ڪرڻ جو فيصلو بلڪل وقتائتو ۽ درست آهي.

  • اٽڪ کان هُن پار يا هن پار اداري جي پاليسي الڳ نه هوندي

لاهور (عوامي آواز نيوز)  اٽڪ جي هن پار يا هن  پار ويٺل ڪنهن به شخصيت کي اداري جي پاليسيءَ  خلاف ڪابه  پاليسي  جوڙڻ جو ڪو به   اختيار نه آهي، ادارو  منظم ۽ متحد  آهي ۽ غير جانبدار پاليسي تي ڪار بند آهي، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته مولانا  فضل الرحمان جو حوالو ڏئي مون وي لاگ رڪارڊ ڪيو هو، جنهن کان پوءِ اسٽيبلشميٽ جي انتهائي ذميوار  شخييت  فون ڪري چيو ته سياسي معاملن ۾ اسان جي  ڪابه مداخلت نه آهي،  اٽڪ پار يا اهڙي قسم جون ٻيون ڳالهيون بي بنياد آهن، ان شخصيت جو اهو به چوڻ هو ته آرمي چيف جي آمريڪي ڊپٽي  سيڪريٽريءَ کي فون به معمول جي رابطن جو حصو آهي ان کي سياسي رنگ ڏيڻ يا تڪراري بڻائن به غير ضروري آهي، ان قسم جا رابطا دوست ملڪن سان معمول مطابق ٿيندا رهندا آهن.

  • پي ٽي آءِ  جي وڌيڪ 12 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي پارٽيءَ جو اجلاس سڏائي ورتو آهي جيڪو ٻه ڏينهن جاري رهندو. ان اجلاس ۾  اهم فيصلن جا امڪان آهن، نامياري صحافي عدنان حسين جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس، فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ۾ دير، معاشي ۽ سياسي حوالي سان انتهائي اهم فيصلا  ڪيا ويندا. اهي به اطلاع  آهن ته پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 12 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو به اڳ ئي حڪومت فيصلو ڪري چڪي آهي انهن ۾ عمران خان، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، اسد عمر ۽ ٻين جا نالا  شامل آهن جن جون ٻئي مرحلي ۾ استعيفائون منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڀاڻي واري اجلاس ۾ به توقع ڪئي پئي وڃي ته وڌيڪ  جارحاڻو رويو اختيار ڪرڻ ، سخت معاشي ۽ سياسي قدم کڻڻ جا فيصلا  ڪيا ويندا.

  • عدليا، ميڊيا، اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي عمران تڪراري بڻائي ڇڏيو

اسلام آباد (تجزيو سليم صافي) دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جا آئيني ادارا تڪراري بڻجي ويندا آهن. اهي ملڪ گهڻو وقت پنهنجو  وجود برقرار رکي نه سگهندا آهن، نامياري صحافي سليم صافي جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر اسرار احمد، حڪميم سعيد، خورشيد شاهه ۽ مولانا  فضل الرحمان جون ڳالهيون سچ ثابت ٿي رهيون آهن، جيڪي انهن عمران خان بابت  چيون هيون، جنهن طرح 2018ع ۾ عمران خان کي طاقتور قوتن اقتدار ۾ آڻي اولهه ملڪن جي ايجندا تي عمل  ڪرايو ان عمل هن وقت پاڪستان جي آئيني ادارن کي ڪمزور ۽ تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. ڇو ته عمران خان اقتدار ۾ اچڻ  شرط  ادارن اندر ورڇ کي جنم ڏنو،ميڊيا ٻن حصن ۾ ورهائي وئي ۽ تڪراري فيصلن سان ادا رن کي به تڪراري بڻايو  ويو.  عمران خان اقتدار مان هٽڻ  بعد اسٽيبلشمينٽ کي هدف بڻايو ۽ ان کي تڪراري بڻائي ڇڏيو، ثاپ ٽرينڊ هلايا ۽ سماج ۾ غير اخلاقي سياسي ڪلچر کي هٿي ڏني، ان دوران ئي  معزز عدالت کي به ٽاپ ٽرينڊ هلائي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ اعليٰ عدليا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو واضح طور بن سوچن ۽ خيالن  ۾ ورهائجي وئي آهي، جڏهن  ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ اداري کي هر ايندڙ  ڏينهن وضاحت ڪرڻي پئجي رهي آهي ته هو غير جانبدار آهن ،ساڳي طرح عمران خان اليڪشن ڪميشن جهڙي آئيني اداري کي به تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، سوچڻ جو مقام آهي ته آخرڪار اها ايجنڊا  ڪنهن جي آهي جنهن تي عمران خان عمل پيرا آهي. ان تي غور ڪرڻ سان ته اهو ئي سمجهه ۾ اچي ٿو ته عمران خان اولهه جي ملڪن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو اهي. جنهن جي نشاندهي ڊاڪٽر اسرار احمد ۽  حڪيم سعيد گهڻو اڳ ڪئي هئي.

  • فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو حڪومتي اميد مطابق نه اچڻ جا امڪان

ا سلام آباد ( تجزيو: مطيع الله جان) عمران خان جن جو پالي نپائي جوان ڪيل سڪيلڌو ٻار آهي ، اهي اڄ به هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن ، ان ڪري فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي  حڪومت جيڪا اميد ڪري رهي آهي   ان جي اميد تحت فيصلو اچڻ جا امڪان نظر نه ٿا اچن ، نامياري صحافي مطيع الله جان جو ڇوڻ آهي ته اليڪشن ڪمشنر ٻه طرفي دٻاءُ جو شڪار آهي ،هڪ طرف عمران خان جو دٻاءَ آهي  ته ٻئي طرف حڪومت جو دٻاءُ آهي  ٿي سگهي ٿو ته  ٽيون دٻاءُ اهڙو هجي جيڪو نظر نه ايندو ۽ نه ان  دٻاءَ جو اظهار ڪيو ويندو هجي، ڇوته عمران خان جن جو پاليل سياسي ٻار آهي  اهي عمران خان مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن ، جيڪڏهن فيصلو عمران خان خلاف اچي به ويو ته  اهو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، ۽ فيصلو اهڙو اچڻ جا امڪان  آهن ، جهڙو پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ تي اچي چڪو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.