معراج محمد خان سنڌ ۾ نسلي تضاد وڌائڻ جي ضياءُ جي آڇ رد ڪئي: اڳواڻ

ڪراچي (رپورٽ:غلام مهدي بلوچ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ معروف سماج سڌارڪ معراج محمد خان جي ڇهين  ورسي جي موقعي تي سياسي، سماجي ۽ پورهيتن جي نمائندن جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور اجتماع جا تنظيمي فرائض سرانجام ڏنا، ان جي صدارت جسٽس (ر) رشيد اي رضوي ڪئي، جڏهن ته مرحوم انقلابي اڳواڻ جو پٽ ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خاقان محمد خان ۽ انگلينڊ مان آيل اڪرم قائم خاني به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪنن، صحافين، وڪيلن، پورهيتن جي نمائندن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪرامت علي، ڊاڪٽر توصيف احمد، مجاهد بريلوي، مظهر عباس، ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ سميت مهناز رحمان، حبيب الدين جنيدي، زهرا خان، اظهر جميل، قاضي خضر، انيس زيدي، منظور رازي، حسام الدين، ممتاز حيدر، جعفر الحسن، خاقان علي مرزا، خليل قريشي، ڪامريڊ رشيد ميمڻ، ڊاڪٽر اصغر دشتي، ڪامريڊ بلوچ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. نوجوان ڳائڻي شهريار به انقلابي اڳواڻ جي ياد ۾ انقلابي گيت پيش ڪيا. مقررن چيو ته معراج محمد خان پاڪستان جي سوشلسٽ ۽ جمهوري تحريڪن ۾ تمام نمايان ڪردار ادا ڪيو. فوجي آمر جنرل ضياءَ کيس ڀٽو مخالف تحريڪ ۽ سنڌ ۾ نسلي ورهاست جي سياست لاءِ هر قسم جي مدد جي آڇ ڪئي، جنهن کي هن رد ڪري ڇڏيو. هن آمريت جي خاتمي ۽ جمهوريت ۽ آئين جي بحاليءَ لاءِ آواز اٿاريو. ڪامريڊ معراج محمد خان سامراجي قوتن جي فرمانبردارين تي افغانستان جي اندروني معاملن ۾ جاري خونريزي ۽ مداخلت کي خطي خاص ڪري پاڪستان لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته افغانستان ۾ پکڙيل مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي باهه هڪ ڏينهن پاڪستان کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.