ننڍي دڪاندار تي ماهوار 3 هزار ٽئڪس، پيٽروليم ادائگين سبب رپئي تي دٻاءُ پيو:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت ملڪ جي ننڍن توڙي وڏن دوڪاندارن کان ماهوار ٽيڪس اوڳاڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته تحريڪ انصاف ملڪ کي ڏيوالو ڪري ڇڏي وئي، تنهن ڪري ملڪ بچائڻ لاءِ اسان سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته رپئي تي دٻاءُ جلد ختم ٿي ويندو ۽ معاملا آسان ٿي ويندا، ٽن مهينن ۾ اهڙو ڪو ڪم نه ڪيو، جنهن سان رپئي جو قدر گهٽجي، عمران خان ملڪ کي ڏيوالي ۾ ڇڏي ويو پر اسان پاڪستان کي بچايو، عمران خان پڇي ٿو ته ذميوار ڪير آهي؟  ذميوار توهان آهيو. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هر ننڍي دڪاندار کي 3 هزار رپيا ماهوار ۽ 36 هزار رپيا سالياني ٽيڪس ڏيڻي پوندي، هڪ لک رپين جو بجلي بل ڀريندڙ دوڪاندار تي ماهوار 10 هزار رپيا ٽيڪس لڳندي. مفتاح اسماعيل چيو ته هڪ سئو يونٽس کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ دوڪاندارن کي ٽيڪس کان ڇُوٽ ڏينداسين.هن چيو ته عمران خان ملڪي معيشت جا کـَـنڌا کڻي ڇڏيا، ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اسان پنهنجي سياست قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ٽيڪس ڪليڪشن ۾ گهٽتائي آئي، خان صاحب آءِ ايم ايف سان واعدو ڪري ٽوڙيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي ويو.هن مهيني جي بجلي بل ۾ اپريل جي فيول ايڊجسٽمينٽ آئي ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه؟ سندس چوڻ هو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو سبب عمران خان جون پاليسيون هيون، عمران خان نقصان تي پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي ڏني، عمران خان گهٽ قيمت تي پيٽرول کپائي سريلنڪا جهڙي حرڪت ڪئي، عمران خان دوستن کي ايمنسٽي ڏني ۽ يوٽرن وٺي پنهنجي ماڻهن کي سبسڊي ڏني.مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ لاءِ حياتي به قربان ڪنداسين، ملڪ بچائڻ لاءِ اسان سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، منهنجي ترجيح مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ نه ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهانگائي وڌي آهي پر مجبور آهيون، ڪجهه نٿا ڪري سگهون، جيڪا ٻيڙي ٻڏي رهي آهي اڳ ۾ ان کي بچائڻو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.