ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف تاريخي احتجاج، سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لهر

گلشن اقبال (رپورٽ:شفقت نوناري) ڪراچي جي علائقي غازي ڳوٺ بلاڪ اي کي مسمار ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ماروئڙا ڳوٺ کان سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ غازي ڳوٺ جي احتجاجي ڪئمپ تائين ريلي  ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين ڪارڪنن سميت پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جماعت اسلامي اڳواڻ اسدﷲ ڀٽو ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاهاڻي قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ سنڌ عوامي سٿ جي مهر ڊٻائي مشتاق سرڪي سنڌ سجاگي فورم سارنگ جويو قومي دانشور تاج جويو وي ايم پي ڪنوينر سورٺ لوهار سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو ته  غازي ڳوٺ ڊاهڻ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضن خلاف 3 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا سيد مراد علي شاھ ۽ ڪمداري ڪندڙ سنڌ پوليس روينيو اختياريون ۽ ملوث ادارا سڄي سنڌ کي غازي ڳوٺ جيان بيروت بڻائڻ چاھن ٿيون سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪنهن به  صورت ۾ زرداري مافيا جي قبصاگير برگيڊ کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته  زرداري مافيا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي مختلف وقتن تي قبضا ڪندي رهي آهي نوابشاھ ۾ اٺ سو ايڪڙن تي ڪيل سندس قبضي کي اتان جي شعور سان خالي ڪرايو سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر جي وارثي ڪنداسين ،جماعت اسلامي جي اڳواڻ اسد الله ڀٽو چيو ته  وقت اچي ويو آهي ته  سنڌ تان زرداري مافيا جي قبضي ختم ڪرائي عوام کي حقيقي جمهوريت ڏانهن وٺي هلجي،پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته  سسٽم جي نالي ڪرپٽ پوليس آفيسر روينيو عملدار سميت لاڳاپيل ادارا زرداري جي ڪمداري پيا ڪن زرداري اقتدار جي حوس ۾ سنڌ ۽ قوم کي نيلام پيو ڪري غازي ڳوٺ سميت سموري سنڌ تي زرداري مافيا قبضو ڪري ويٺل آهي وقت اچي ويو آهي ته  انهن مان جان ڇڏايون هن چيو ته  سنڌ ۾  افغانين سميت ڌارين کي زرداري رهائڻ لاءِ تيار آهي پر ڌرتي ڌڻين کي برداشت ڪرڻ لا تيار ناهي جنهن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاريندس سنڌ ۽ قوم جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ مونکي گرفتار ڪرايو ٿو وڃي،قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته  سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي رڳو عوام بدران ڪرپشن ڪرڻ ۾ پوري آهي انهن کي سنڌ جي وسيلن کانسواءِ عوام جو ڪو به  درد ڪونهي، بلاول ڪاڪا جو قتل هجي يا ٻيو ڪيو سانحو هجي هو خاموش رهن ٿا، غازي ڳوٺ تي ٿيل برييت کي ڪنهن صورت قبول ڪو نه ڪنداسين،ڪراچي سوشل فورم اڳواڻ محبوب عباسي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجا ناجائز اختيار استعمال ڪري سنڌي آبادين کي غير قانوني ڄاڻائي مسمار ڪري رهي آهي، پر ساڳي ڪراچي ۾ ڌارين ۽ پرڏيهين جي غير قانوني قائم ٿيل ڪئمپن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، پنهنجن جي مالڪي ڪرڻ اسان مٿان دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن پر دهشتگردن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي، ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، الاهي بخش بڪڪ، مشتاق سرڪي، تاج جويو، سارنگ جويو، مهر ڊٻائي چيو ته سنڌي وسندي اها پهرين ڪاھ ناهي ان کان اڳ به ڌرتي ڌڻين تي ڪاهون ٿينديون رهيون آهن،  سنڌ جي نياڻين تي ائين حملو ڪيو ويو ڄڻ ته هو دهشتگرد هجڻ، اسين مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ حڪومت غازي ڳوٺ جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏئي ڳوٺاڻن ۽ اڳواڻن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري، هوڏانهن ايس ٽي پي جو مرڪزي وفد مرڪزي اڳواڻن حيدر شاھاڻي، ڊاڪٽر احمد نوناري، ھوت خان گاڏھي، نصرت چنا، خير محمد مگسي، مبارڪ ڀٽي، علي بخش لاشاري، رجب مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪيمپ تي پھتو ان موقعي تي خطاب ڪندي حيدر شاھاڻي چيو ته  ھي نااھل سنڌ حڪومت سنڌين جو بيواھن جو مال ھڙپ ڪري يتيم خانن ۽ بيت المال جا پئسا کائي ويا آھن ۽ ھاڻي چاھين پيا ته سنڌين جا ڳوٺ ڪمرشل ڪري اسان اربين روپيا ڪمائينداسين پر اھا سندن ڀل آھي اسان سنڌ واسي ڪراچي جو  ڪو ڳوٺ ته  ٺھيو پرھڪ ٽڪري به ڊاھڻ نه ڏينداسين ھن چيو ته سنڌ حڪومت غازي ڳوٺ ۾ ڌرتي ڌڻين سميت عورتن ٻارن ۽ نياڻين تي پوليس ذريعي  حملو ڪري شيلنگ ۽ فائرنگ ۽ لاٺي چارج ڪري انھن جا اجھا ڊاھي انھن کي بي گھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جنھن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھن چيو سنڌ حڪومت ڊرامو ڪري ڪجھ ماڻھو سسپينڊ ڪيا آھن پر اسان سندن انھي ڊرامي کي قبول نه  ٿا ڪريو ۽ جيستائين سنڌي ڳوٺن کي رجسٽري ڏئي  انھن کي پڪو نه ڪيو ته اسان  سندن ڪنھن به  سازش کي قبول نه ڪنداسين انھي موقعي تي ڊاڪٽر احمد نوناري خطاب ڪندي چيو ته غازي ڳوٺ ڊاهڻ جي  مذمت ڪيون ٿا

گلشن اقبال(ن ع آ)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ پھچي پوليس ۽ بلڊر مافيا جي تشدد جي  متاثر ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري کانئن تفصيل ورتا. جنھن کانپوءِ اياز لطيف پليجي سنڌياڻين، ڳوٺاڻن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن سان گڏجي ھزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پيپلز پارٽي حڪومت ڪراچي مان سنڌي ماڻھن کي لڏائڻ لاءِ تشدد ۽ چڙھايون ڪري رھي آھي. حڪمران چاھين ٿا ته ڪراچي ۾ سنڌي نه ھجن. جيئن ڪشميرين ۽ فلسطينين سان ٿي رھيو آھي، ائين ھي سنڌي ماڻھن سان ڪرڻ چاھين ٿا. ڇو ته  سنڌ ۽ بلوچستان وٽ سمنڊ آھي، انڪري سنڌين ۽ بلوچن سان ظلم ڪيو پيو وڃي،  سنڌ وٽ سمنڊ کانسواءِ پئٽرول، گئس، ماربل، ڪوئلو ۽ ٻي قدرتي دولت آھي، ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين سامونڊي پٽي آھي، گھري پاڻي جو بندرگاھ آھي، انڪري ھي نٿا چاھين ته  ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھو ھجن. سپريم ڪورٽ ڪراچي مان لکين افغانين، بنگالين، بھارين ۽ ٻين پرڏيهين کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ حڪم ڏنو پر ان تي پيپلز پارٽي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. اياز لطيف پليجي چيو ته  سھراب ڳوٺ ۽ الڪرم وٽ جن سنڌي ماڻھن کي گاڏين مان لاھي تذليل ڪئي ۽ نقصان ڪيو انھن خلاف دھشتگردي جا ڪيس داخل نه ٿيا پر احتجاج ڪرڻ تي سنڌي ماڻھن تي دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته  افغانين جي ڪچي آبادين کي پڪو ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي بل پاس ڪيو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته  تازو ٻن ٽن سالن کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪچيون آباديون ٺھيون آهن افغانستان جي صورتحال کان پوءِ ٺھيون آهن انهن لاءِ ڪچي آبادين جو بل اسيمبلي ۾ آندو ويو آهي ۽ ٻئي پاسي پنهنجي وطن ۽ زمين جا مالڪ آهن جن جي ڪراچي تخت گاھ آهي انھن سنڌين کي لٺيون ھڻي سنڌي نياڻين مٿان فائرنگ ڪري کين سخت زخمي ڪري گهر ڊاٺا پيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته  اها ڏاڍ مڙسي غنڊاگردي دھشتگردي آهي، سنڌ جي وارثن سان هي ويڙهه شرمناڪ عمل آهي. غازي ڳوٺ جي رهواسين کي ھتان لڏڻ ڪونه ڏينداسين. سنڌي آباديون ھنن حڪمرانن لاءِ  اک جو ڪنڊو بڻيل آهن، نااھل حڪمرانو بلڊر مافيا جي ونگار وهڻ بند ڪريو. ڪراچي سنڌين جي دل آهي ۽ دل ڪراچي ۾ پ پ پ حڪومت افغاني، بنگالي، بھاري ۽ ٻيا پرڏيھي آباد ڪري رھي آھي ۽ ڌرتي ڌڻين کي لڏائي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته  ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھو ضياء ۽ مشرف جي دور ۾ به  وطن ۾ بي وطن نه  ڪيا ويا سنڌين کي بلڊر مافيا جي ب تي لڏائڻ دھشتگردي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته  غازي ڳوٺ تي چڙھائي ۾ ملوث پوليس ۽ ٻين ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر ڳوٺاڻن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته اسان کي پوليس اهلڪارن جي معطلي نه کپي. غازي ڳوٺ جي رھواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.

  • غازي ڳوٺ آپريشن واقعي تي سنڌ حڪومت جي  انڪوائري ڪميشن قائم

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي جي سنڌي وسندي عبدالله غازي ڳوٺ ۾ آپريشن ۽ هنگامي بابت انڪوائري ڪميشن جوڙي ورتي آهي. ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ڪمشنر ڪراچي    اقبال ميمڻ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪندي ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو  آهي. انڪوائري ڪميشن واقعي جي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف سيڪريٽري موجب واقعي جي ذميوار آفيسرن خلاف انڪوائري بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب انڪوائري ڪميشن واقعي ۾ ملوث آفيسرن 7 اهلڪارن بابت جاچ ڪري حقيقتون سامهون آڻيندي. 03

  • غازي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف سنڌ ۾ سخت ردعمل، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا)غازي ڳوٺ ۾ پوليس جي ظلم ۽ سنڌين جا گهر ڊاهڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا، نوابشاهه ۾  سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ اندر سنڌين جي گھرن کي  مسمار ڪرڻ عورتن تي تشدد ڪرڻ خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو ايس ٽي پي تعلقي صدر شاھنواز ڪيريو ، ٻڍل مگسي ، ارشد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  شرم اچڻ کپي سنڌ حڪومت کي جيڪا ھڪ طرف ڌارين کي ڪراچي اندر زمينون پلاٽ الاٽ ڪري ڏئي رھي آھي ٻئي طرف سنڌ جي اصل مالڪن ڌرتي ڌڻين جا اجھا ڊاھي انھن کي بي گھر ڪيو پيو وڃي ، نوشهروفيروز ۾ ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،احتجاج مظاهري جي اڳواڻي نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر ساهتي جنرلسٽ فورم جي چيئرمين يونس راڄپر، ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي ضلعي  آرگنائيزر پرويز سولنگي، دين محمد تڳر ٻيا  ڳوٺ سڌار چيئرمين معشوق وڳڻ ،علي اڪبر مورو جنيد احمد وسطڙو عادل عباسي ۔غلام رسول ڦل   ضمير لنڊ ڪري رهيا هئا مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪراچ ۾ سنڌي وسندين کي ڄاڻ واڻي مسمار ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سنڌ حڪومت ملوث آهي حڪومت افغاني پٺاڻن جي پٺ ڀرائي ڪري رهي آهي ۽ سنڌين کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا احتجاج ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي ڪارڪنن مهتاب سنڌي، پرويز سولنگي، آصف وسطڙو، محرم سولنگي، امير علي، دين محمد تڳر، عزيز ابڙو، راجا رئيس، صدام سمون، شاهنواز تڳر، زبير مستوئي، شاهد کوکر، ثناءُ عباسي سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،باڊهه ۾ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي (جسقپ) پاران ٽائون هال کان قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي جي اڳواڻي حيدر چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪڍي ڌرڻو هنيوويو، جنهن ۾ پريس ڪلب باڊھ جي صدر نظام ڪولاچي،  منورنوناري،  سارنگ سومرو،  وقار سنڌي،  اصغر ساريو، اقبال کوکر، نورساريو، مورسنڌي، زوالفقار ڪانڌڙو ٻين سياسي سماجي اڳواڻ ۽ جسقپ ڪارڪنن شرڪت ڪئي،  دودوديشي ٻين ڳالهائيندي چيو  ته غازي ڳوٺ جي نياڻين تي پوليس جي تشدد، فائرنگ ۽ شيلنگ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ عمل آهي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ،  محبوب عباسي ٻين خلاف  داخل ڪوڙو ڪيس جي مذمت ڪريون ٿا،ڏوڪري ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن رڪ سنڌي، قاضي عابد علي، منصور احمد، احسن علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بدران سنڌ جي وارثن مٿان تشدد ڪري گهر ڊاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته غازي ڳوٺ ۾ سنڌين لاءِ فلسطين واري صورتحال بڻائي پئي وڃي وارھ ۾ ڪراچي غازي ڳوٺ واقعي خلاف مختلف فورمن پاران احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا،سماجي ورڪر محمد خان تنيو جي اڳواڻي ۾ ۽ سوشل فورم طرفان جئڪال ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾  عوامي پريس ڪلب اڳيان الڳ الڳ احتجاجي مظاھرا  ڪندي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي

  • ”ڳوٺ ڊاهڻ بند ڪريو“ريلي ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا

گلشن اقبال : غازي ڳوٺ تي ڪاھ خلاف ڪراچي جي ماروئڙا ڳوٺ جي اڄڻ چوڪ تان نڪتل ريلي ٻه ڪلو ميٽر پنڌ ڪري احتجاجي ڪئمپ  تي پهتي، ان موقعي پر جوش ڪارڪنن تو سنڌ کپائي زرداري، هي ڳوٺ ڊاهڻ بند ڪيو، سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جا نعرا هنيا، ريلي جا انتظام اعجاز سامٽيو، مصطفيٰ چانڊيو، منير مگسي، عنايت کٽياڻ، عبدالرزاق شر ۽ ٻين سنڀاليا، ريلي ۾  سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

  • غازي ڳوٺ جي مالڪي لاءِ سنڌ جي نياڻين به پاڻ ملهايو

گلشن اقبال: غازي ڳوٺ جي مالڪي لاءِ سنڌياڻين به پاڻ ملهايو، ايس يو پي ليديز ونگ جي شيبا مغل، رخسانا هاليپوٽو، سنڌياڻي  تحريڪ اڳواڻ افروزڪٽپر، شهربانو راهوجو،  سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ سهڻي جويو سميت علائقي واسين عوررتن ريلي ڀرپور شرڪت ڪئي، ان موقعي انهن چيو ته هر دور سنڌ جون بهادر نياڻيون هر جدوجهد پنهنجي ڀائرن ڪلهو ڪلهن سان ملهائي پاڻ ملهايو، اسين غازي ڳوٺ جي ڀينرن کي قومي سلام پيش ڪيون ٿيون جن پنهنجي اجهن خاطر جدوجهد ڪئي اميد آهي ته هو سڀاڻي وطن دنگن خاطر به پاڻ ملهائينديون

  • وڏي وزير جو نوٽيس بهتر قدم، مستقل بنيادن تي ڳوٺ کي تحفظ ڏيو: نياز ڪالاڻي

گلشن اقبال:عبدالله شاهه غازي ڳوٺ بلاڪ E تي مسلسل انڪروچمينٽ پوليس جي چڙهائي ڳوٺاڻن تي تشدد فائرنگ ۽ شيلنگ جي  واقعن بعد قومپرست اڳواڻن صحافين مٿان ڪوڙن ڪيسن بعد جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، سرفراز ميمڻ، وقار ملاح غازي ڳوٺ متاثر ڳوٺاڻن جي ڪيمپ  تي ڪانفرنس ڪئي،ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته غازي ڳوٺ واقعي تي وزير اعلي سنڌ پاران ورتل وقتائتي نوٽيس کي بهتر قدم سمجهون ٿا جنهن نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن کي فوري طور معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي هن چيو ته ڪراچي اندر سنڌي وسندين کي مسمار ڪرڻ بند ڪيو وڃي سنڌ اسان جي آهي هتي ڌارين پناهگيرن کي تحفظ ڏئي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪيو وڃي ٿو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، هن مطالبو ڪندي چيو ته وڏو وزير سنڌي وسندين جي تحفظ خاص طور تي غازي ڳوٺ جي بچاءَ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ته مستقبل ۾ ڪا به ڪاروائي نه ڪئي ويندي، پوليس ڪاروائي دوران مسمار ڪيل جاين جو معاوضو ادا ڪيو وڃي، پوليس تشدد فائرنگ دوران زخمي ٿيل ڳوٺاڻن عورتن ٻارن سميت جن جو به جيڪو خرچ ٿيو آهي اهو حڪومت ادا ڪري،  غازي ڳوٺ معاملي دوران ادارن پاران جيڪي به ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن اهي فوري طور تي ختم ڪيا وڃن پوليس پاران مسلسل انتقام ۾ ڳوٺاڻن سميت اسان مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن جو مثال ڪالھ داخل ٿيل ايف آئي آر جو آهي ته جڏهن اسان خيرپور ۾ آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ لڳايل ڌرڻي واري ڪيس ۾ اي ٽي سي ڪورٽ ۾ خيرپور شنوائي تي هئاسين ته خبر پئي ڪراچي ۾ مون سميت 22 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو بي بنياد آهي هن چيو ته وڏو وزير لفظي نوٽيس وٺڻ بدران ان تي عمل ڪرائي غازي ڳوٺ رهواسين سميت ڪراچي جي سنڌي وسندين جي رهواسين جي بي چيني ختم ڪري، هن چيو ته روينيو جي ڪرپٽ ڪامورن ۽ پوليس ملي ڀڳت ڪري ڳوٺاڻن کي مسلسل هڪ مهيني کان حراسان ڪرڻ واري عمل جو وڏي وزير کي ازالو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.