حڪومت پيٽرول 3 رپيا گهٽائي ڊيزل 9 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ)  حڪومت پيٽرول 3 رپيا گهٽائي ڊيزل 9 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي وزارت جي جاري ڪيل پڌرنامي موجب پيٽرول جي اگهه ۾  3 رپيا 5 پئسا لاٿ ڪئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جو نئون اگهه 227/  رپيا 19 پئسا ٿي وئي. ڊيزل اگهه ۾ 8 رپيا 95 پئسا واڌ بعد نئين قيمت 244 رپيا 95 پئسا ٿي وئي.  گاسليٽ جي اگهه ۾ به 4 رپيا 62 پئسا  واڌ ڪئي وئي جنهن جي نئين قيمت 201 رپيا 7 پئسا ٿي وئي آهي. ، لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 12 پئسا لاٿ آندي وئي آهي. ڪومت پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ ڊالر جي سراسري ريٽ جو فارمولو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن جي طريقي ڪار لاءِ پيٽروليم ڊويزن جي تجويز جي منظوري ڏني وئي. پيٽرول اگهه ڊالر جي قيمت جي حساب سان رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.