مريم بجلي بل تي ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي واپارين کان بجلي جي بل ۾ فڪسڊ ٽيڪس واپس وٺڻ جي  اپيل ڪري ڇڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته مفتاح ڀاءَ بجلي جي بل تي ٽيڪس واپس وٺو، واپاري ڀائر پريشان آهن ۽ دانهون ڪري رهيا آهن. هن اميد جو اظهار ڪيو ته توهان ڪو حل ڪڍندئو. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ واپاري بجلي بلن ۾ فڪسڊ ٽيڪس وصولي خلاف سراپا احتجاج آهن ۽ انهن بجلي جا بل جمع نه ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.