ڪراچي ۾ ناري حفظا جي وارثن جو سندس مڙس خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿي ويل ٢٠ سالا ناري حفظا جي وارثن پاران ڪراچي  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي فوت ٿي ويل ناري جي والد ولي محمد ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ناري حفظا کي ٢٧ جولائي تي مڙس حسين مدني پاران گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو هو، جنهن کي خودڪشي جو رنگ ڏنو پيو وڃي. هنن چيو ته گلشن اقبال پوليس به اسان جو نه پئي ٻڌي. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏنو وڃي.03

  • سنڌ اڄ موئن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهي آهي: محنتي

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين  محنتي چيو آهي ته عالم سڳورا محرم الحرام ۾ اتحاد اُمت کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ۽ حڪومت فول پُروف سيڪورٽي کي يقيني بڻائي،لياري مان چونڊيل ايم پي اي سيد عبدالرشيد جي احتجاجي ڪئمپ مٿان پوليس جي حملي، تشدد ۽ ڪوڙيون ايف آءِ آرز درج ڪرڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا، ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته احتجاج جو حق  محفوظ رکون ٿا. اهڙن خيلان جو اّظهار هن اڄ قباءَ آڊيٽوريم ۾ صوبائي نظم جي هڪ اعلى سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو،  صوبائي امير وڌيڪ چيو ته حڪومتي دعوائن جي برعڪس ملڪي معيشت تباه، عوام مهانگائي جي اوڙاهه ۾ غرق ٿي چڪو آهي، حڪومتي ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي ڪري سنڌ اڄ موئن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، پي ڊي  ايم کي حڪومت ڏياري وئي تڏهن ڊالر 178 روپيا جڏهن ته ٽن مهينن اندر 250 روپين تي وڃي پهتو آهي، اجلاس ۾ 8،9 ۽ 10 محرم الحرام تي صوبي جي وڏن شهرن ۾ شهادت امام حسين ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ، جشن آزادي جو هفتو ملهائڻ ۽ جماعت اسلامي جي 26 آگسٽ تي تاسيسي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

  • وزيراعظم جي بلوچستان دوري جي وڊيو ايڊٽ ڪئي وئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم  اورنگزيب چيو آهي، ته سياسي مخالفن کي غداري سان ڳنڍڻ واري بشريٰ بي بي جي ”ارسلان پٽ“ کي هدايتون تازه شاهڪار آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اصلي ۽ بشريٰ بي بي جي تيار ڪيل ٻئي ويڊيوز حاضر آهن، ويڊيو  مون بڻائي ۽ گذريل ڏينهن 4 لڳي 28 منٽن تي ميڊيا کي جاري ڪئي هئي. وفاقي وزير چيو ته اي آر واءِ وٽ پڻ اوريجنل ويڊيو موجود آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ويڊيو ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم ونگ کي موڪلي ڇڏي آهي ته جيئن ويڊيو ۾ آواز شامل ڪندڙ جعلساز قانون جي گرفت ۾ اچن. هن چيو ته صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي آڙهه ۾ ڪوڙ پکيڙيندڙ عمران خان جي ڪرپشن کان ڌيان هٽائڻ جي ايجنڊا جو حصو بڻجندڙ اي آر واءِ کي شرم اچڻ گهرجي، جيڪا سچائي ۽ حقيقت جي هر لمحي کي قتل ڪري ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته اربين رپين جا غيرقانوني ٺيڪا ملي رهيا هجن ته پوءِ صحافت جي آڙهه ۾ ڪوڙ جي پرچار ئي ٿيندي.  وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب جي اها گهٽيا ۽ نيچ حرڪت هن مائينڊ سيٽ جو اظهار آهي، جيڪو مدينه جي رياست جو پاڪ نالو وٺي ايف اي ٽي ايف، ڪورونا، ٻوڏ، مذهب، سياسي مخالفن جي صحت، معيشت ۽ عوام جي روزگار تي ڪوڙ ڳالهائي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته مري ۾ سياحن جا لاش برف هيٺان پيا رهيا، بشريٰ بي بي وڃڻ جي اجازت نه ڏني، پهاڙن جو سير ڪندو رهيو. وفاقي وزير چيو ته هاڻ تڪليف ٿي وئي آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام جي مشڪلاتن ۾ انهن جي مدد ڇو ٿو ڪري، انهن وٽ ڇو ٿو وڃي، انهن سان همدردي ڇو ٿو ڪري. هن چيو ته هزاره برادريءَ جا جنازه پيل هئا، عمران خان چيو ته بليڪ ميل نه ٿيندس. نعيم الحق ۽ ڪيترا ئي ويجها دوست وفات ڪري ويا. عمران صاحب کي جنازي ۾ شرڪت جي اجازت نه ملي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبر پختونخوه ۾ بدترين بوڏ ۽ ڊينگي هئي، پر بي شرم، بي حس عمران صاحب وزيراعليٰ هائوس ۾ لڊو کيڏندو رهيو. خيبر پختونخوه، بلوچستان، سنڌ، پنجاب ۾ بوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ بدران عمران صاحب ۽ بشريٰ بي بي وزيراعظم شهباز شريف جي ويڊيو جي ايڊٽنگ ۽ جعلسازي ۾ مصروف آهن. هن چيو ته ڪيمرا ايڪشن ۽ اي آر واءِ لائيٽ جي ضرورت عمران خان کي آهي ۽ شهباز شريف کي نه.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.