سينئر صحافي، ۽ محقق اختر حسين بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(رپورٽر)ملڪ جو ناميارو صحافي، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف، تجزيه نگار ۽ محقق اختر حسين بلوچ مختصر علالت کان پوءِ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو ڪراچي جي گارڊن ايسٽ واري علائقي ۾ واقع پنهنجي  گهر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب اٽڪل 55 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز علائقي جي فقيري مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪراچي سميت ميرپور خاص جي صحافين، دوستن ۽ مائٽن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنهن بعد سوين آلين اکين سان مرحوم جي مڙهه کي ميوه شاه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم اختر بلوچ صحافت جي شروعات ميرپور خاص کان ڪئي، جنهن بعد هن ڪيترائي سال حيدرآباد ۾ به صحافت ڪئي ۽ پوءِ هو ڪراچي منتقل ٿي ويو، جتي هن ڊان ۾ بلاگ لکي وڏي مشهوري ماڻي. بعد ۾ انهن بلاگن کي ڪرانچي والا جي نالي سان ڪتابي شڪل ڏني .مرحوم اردو ادب جو انتهائي ڄاڻو هئو ۽ ڪراچي جي مختلف يونيورسٽين ۾ وزٽنگ پروفيسر طور تي اردو ادب پڙهائيندو هو. اختر بلوچ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جي صحافتي برادريءَ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي اختر بلوچ جي وڇوڙي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي ، سيڪريٽري رضوان ڀٽي ، خزانچي وحيد راڄپر ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن دلي ڏک جو اظهار ڪندي دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي درجات کي بلند فرمائي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پونيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري

  • مراد علي شاهه سميت پ پ قيادت پاران اختر بلوچ جي وارثن سان تعزيت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي  شاهه سينئر صحافي اختر بلوچ جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل  تعزيتي پيغام ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مرحوم اختر بلوچ جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي، وفاقي وزير شازيه مري سينئر صحافي، ليکڪ اختر بلوچ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٻئي پاسي پ پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو سينئر صحافي، محقق ۽ تجزيه نگار اختر بلوچ جي وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته مرحوم اختر بلوچ محنتي صحافي ۽ زنده دل انسان هو. هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ اسان اختر بلوچ جي پونئيرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

  • شرجيل انعام ميمڻ پاران اختر بلوچ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل  انعام ميمڻ سينئر صحافي اختر بلوچ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه جاري ڪيل  تعزيتي پيغام ۾ هن غمزده خاندان سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.