مڪران ڊويزن ۾ زلزلي جا لوڏا، عوام گهرن مان ٻاهر نڪري آيو

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي مڪران ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته انهن علائقن ۾ آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت 5 رڪارڊ ٿي، زلزله پيما مرڪز مطابق شام 6 لڳي 52 منٽن تي مڪران ڊويزن جي علائقن پسني، گوادر، اورماڙه، ڪيچ ۽ آسپاس ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي جو مرڪز گوادر جي تعلقي پسني ويجهو هو، جهٽڪا محسوس ٿيندي ئي شهر خوف ۾ ڪلمي جو ورد ڪندا پنهنجي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، ٻئي پاسي ڊائريڪٽر نيشنل سونامي سينٽر امير حيدر چيو ته پسني ۾ آيل زلزلو سمنڊ ۾ سبڊڪشن زون ۾ هو، زلزلي کانپوءِ هڪ ٻيو آفٽر شاڪس به آيو، پر پنج جي شدت سان زلزلن سان سونامي پيدا ناهي ٿيندي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.