24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ ڊائريا ۽ پيچش جا 5 هزار ڪيس

ڪراچي(م ڊ) سنڌ ۾ ڊائريا ۽ پيچش بي قابو ٿي وئي، 24 ڪلاڪن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ٻار  ڊائريا ۽ پيچش جو شڪار ٿي اسپتالن ۾ رپورٽ ٿيا، صحت کاتي جي انگن اکرن مطابق گذريل 5 مهينن ۾ 5 لک کان وڌيڪ ٻار ڊائريا ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا ٿيا آهن،  تازين برساتن ڪيسن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ 86 هزار ٻار متاثر ٿيا، سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڏکڻ ضلعي ۾ سامهون آيا، صحت جي ماهرن مطابق موجوده موسم ۾ کاڌي پيتي ۾ احتياط انتهائي ضروري آهي، خراب فروٽ ۽ ڀاڄين کان پاسو ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.