سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ مليريا ۽ گيسٽرو پکڙجي وئي، وڌيڪ 2 ٻار فوت، صحت کاتي جي مجرماڻي خاموشي

ڄام صاحب/واهي پانڌي(نمائندا) ڄام صاحب ۾ مڇرن ۽ مکين جو آزار مليريا گيسٽرو بيماري وبا اختيار ڪري ورتي هڪ ٻارڙي فوت ڄام صاحب ڪجھ ڏينھن اڳ پيل حاليا برساتن جو گندو پاڻي شهر مان نيڪال نه ڪرڻ سبب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گندگيءَ وڌڻ ڪري شهر ۾ مکين ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو جنهن سبب گيسٽرو بيماري ۽ مليريا بيماري وبا اختيار ڪري ورتي،صحت کاتي توڙي ضلعي ٽائون ڪميٽي اختيارين کي به اپاءَ نه ورتا،ڄام صاحب رھواسي طاهر علي زرداري جي ٻن سالن جي نياڻي ڪنيزه زرداري گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي جڏهن ته ڪجھ ڏينھن اڳ وارث علي بگٽي جو معصوم پٽ پڻ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو،ڄام صاحب جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۽ مڇر مار اسپري ڪرائڻ ۽ شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن کي مڇرن کان بچاء لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڏنل مڇر دانيون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هوڏانهن واهي پانڌي ڪاڇي جي نئين گاج جي پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن ۾ گيسٽرو خطرناڪ وبائي صورت اختيار ڪري وئي آھي وڌيڪ هڪ نينگر گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترائي مبتلا آهن، ڪاڇي ۾ نئن گاج سميت ٻين نين جي وهي اچڻ سبب 8 يوسين جي مختلف ڳوٺن جا روڊ رستا  ڏيڍ هفتو گذرڻ باوجود به اڃاتائين بند هئڻ سبب دست الٽين ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا مبتلا ٿي ويا آهن رستا بند هئڻ ڪري گيسٽرو تي ضابطو ناهي اچي سگهيو، ٽن معصوم ٻارڙين جي فوت ٿيڻ بعد  ڳوٺ محمد سومر سولنگي جي رهواسي 12 ساله نينگر عجب خان ولد الهڏتو سولنگي کي گيسٽرو ۾ مبتلا هئڻ بعد تعلقه اسپتال جوهي علاج لاءِ آندو ويو جيڪو فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪاڇي جي يوسي ساوڙو ۾ 35 ساله علي گل ولد حاجي ٻٻر ،9 سالا ثريا ڌي گلاب رودناڻي، 10 مهينن جو رضوان ولد محمد دائود رودناڻي  ، جبار ولد الهڏتو جمالي، فاطمه ڌي محمد هاشم  ، ساجده ڌي خالد رودناڻي سميت 40  کان مٿي معصوم ٻارڙا گيسٽرو جهڙي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا آهن جن مان ڪافي ٻارڙن جي حالت خراب آهي جيڪي رستا نه هئڻ ڪري ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن،  اهڙي صورتحال باوجود  صحت کاتي پاران ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون ويون نه ئي ڪا ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي،  تعلقه اسپتال ۾ موجود ڪاڇي واسين موج ڪاڇي ۾ مسلسل برساتن ۽ نئن گاج جي وهڪري سبب روڊ رستا بند هئڻ ڪري ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.