پاڪ فوج ۽ ايف سي طرفان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رليف سرگرميون جاري آهن: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪ فوج ۽ ايف سي طرفان ملڪ جي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فلڊ رليف سرگرميون جاري آهن، پاڪ  آرمي جا جٿا طبي امداد فراهم ڪرڻ ۽ مواصلاتي ڍانچي کي کولڻ کانسواءِ ريسڪيو امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن. آچر ڏينهن پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب مردان ۾ پاڻي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، ضلعي مهمند جي مقامي نالن ۾ ٻوڏ جي اطلاع ملي آهي، ڏکڻ پنجاب ۾ سمورا جابلو ندي نالا معمول موجب وهي رهيا آهن، سواءِ مٺاون، ڪاها ۽ سانگهڙ هل ۾ ڪجهه وڌيل وهڪرن کانسواءِ.  مقامي ڪمانڊرن راجن پور ۽ ڊي جي خان جو دورو ڪيو، جتي ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو. ٻنهي ضلعن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون، بلوچستان جهل مگسي ۾ گنڌاوا کي مڪمل طور تي بحال ڪيو ويو. گنڌاوا ۽ ڀرپاسي ۾ ڪو به ٻيو نالو نه آهي، امدادي سرگرميون جاري آهن، آرمي ميڊيڪل ڪيمپ ۾ 115 مريضن جو علاج ڪيو ويو، خضدار ايم 8 اڃان به متاثر آهي، رابطي جي بحالي جو ڪم جاري آهي، حافظ آباد ۾ سي ايم ايڇ خضدار طرفان لڳايل فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپ ۾ 145 متاثر ماڻهن جو علاج ڪيو ويو، ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ۽ پڪل کاڌو ورهايو ويو، گنڌاوا ۾ فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپ ۾ مختلف مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي ، چمن ۾ برسات نه ٿي آهي،  باب دوستي مڪمل طور تي فعال آهي، نوشڪي جي علائقي ۾ اڄ برسات نه ٿي، ڦاٿل ماڻهن لاءِ امدادي سرگرميون جاري آهن، تيار ٿيل کاڌو هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ورهايو ويو، 3 هنڌن تي تباهه ٿين اين 40 جي مرمت ڪري ٽريفڪ بحال ڪئي وئي، لسٻيله جي علائقي ۾ برسات نه ٿي، صورتحال ٺيڪ ٿي رهي آهي، ناڪه، بيله، دودر، حب ۽ گڊاڻي ۾ 5 فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپون طبي امداد فراهم ڪري رهيون آهن، اين 25 کوليو ويو آهي، پلين جي مرمت جو ڪم جاري آهي، گوادر ۾ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ حب  ۽ اوٿل جو دورو ڪيو، ايم آءِ 17 جون قسمون هلائي ويون ۽ حب ۽ اوٿل ۾ 1500 ڪلو راشن ورهايو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.