ڏکڻ پنجاب ۾ هزارين ماڻهو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل

راجن پور(م ڊ) تازين برساتن ۾ ڏکڻ پنجاب به شديد متاثر ٿيو آهي، يوسي محدم پور ديوان وسي مظهر حسين چيو ته اسان جي ته پوري يوسي ئي متاثر ٿي آهي، اسان هفتي کان پنهنجي گهرن تائين محدود آهيون، اسان جي چوطرف پاڻي بيٺل آهي، علائقي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، اسان جي علائقي ۾ ڏهاڙيدڙ مزدورن جي گهرن ۾ راشن ناهي، هن چيو ته اسان جا فصل تباهه ٿي ويا آهن، راجن پور مان صحافي الياس گبول مطابق مقامي انتظاميا ٻڌايو ته تازين برساتن سان 21 ڳوٺ متاثر ٿيا آهن، هزارين ايڪڙ فصل تباهه ٿيا آهن، 148 ڪلوميٽر جا 37 مختلف روڊ ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ عمارتن کي نقصان پهتو آهي، ڪوٺ مٺن ۽ ڪماليه ۾ دريائن ڪناري آباد ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي اهي، هوڏانهن اسلام آباد جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ سرائيڪي شاگردن راجن پور سميت ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ جي تباهي تي حڪومتي بي حسي خلاف احتجاج ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.