آگسٽ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن، ٻوڏ ۽ ڇپون ڪرڻ جو خطرو آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد (م ڊ) موسميات کاتي آگسٽ مهيني جي دوران معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه، سنڌ سميت پهاڙي ندي نالن ۾ ٻوڏ ۽ ڇپون ڪرڻ جو خطرو آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانواله، سيالڪوٽ، قصور، ساهيوال، سرگوڌا، خوشاب، ليهه، ميانوالي، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، دير، سوات، پشاور، مردان، مالاڪنڊ، باجوڙ، لڪي مروت، ڪوهاٽ، بنون، ٽانڪ جي مقامي ندي نالن ۾ ٻوڏ ۽ هيٺان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. ڪشمير، گليات، مري، ايبٽ آباد، مانسهره، چلاس، ديامير، گلگت، هنزه، استور ۽ اسڪردو ۾ ڇپون ڪرڻ جو به خطرو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.