پي ٽي آءِ جو چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ حڪومتي ميمبر سيد عباس شاهه ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي ميمبرن منظور ڪري ورتو. ٺهراءَ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.