پيپلز بس سروس جي سمورن روٽن تي روڊن جي مرمت جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي ھدايت ڪئي آھي، تھ اھي شھر ۾ پيپلز بس  سروس جي سمورن روٽن وارا روڊ مرمت ڪرڻ لاءِ لوڪل گورنمنٽ سان گڏجي ڪم ڪري، تھ جيئن مناسب ۽ سموري رستي جي حد تائين ان جي آپريشن کي ھموار  ڪري سگھجي.  اھا ڳالھھ ھن آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس ۾ پيپلز بس سروس جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي.  اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، شرجيل ميمڻ. ناصر شاھھ، مرتضيٰ وھاب، چيف سيڪريٽري سھيل راجپوت، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري محمد فياض جتوئي، سيڪريٽري بلديات نجم شاھھ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ حليم شيخ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڪي ايم ٽي اي، ڪي ڊي اي، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ شھر ۾ پيپلز بس سروس جو پھريون روٽ 27 جون تي ملير کان ٽاور تائين شروع ٿيو ھو، پھرين جولاءِ 2022ع کان ٻيو روٽ شروع ڪيو ويو ۽ ھاڻ 250 بسن سان ستن کان وڌيڪ روٽس آھن. ان ڳالھھ جي نشاندھي ڪئي وئي تھ ستن بس روٽس جي روڊن تي مختلف مسئلا آھن، جھڙوڪ ماڊل ڪالوني کان ٽاور تائين پھرين روٽ جي ڊيگھھ 29.5 ڪلوميٽر آھي، ماڊل ڪالوني کان ريگل چوڪ جا علائقن ۾ ان رستي تي اسفالٽ واري ڪم جي گھرج آھي. ملير ھالٽ، ايف ٽي سي، آرام باغ وارن علائقن ۾ فرش واري ڪم جي ضرورت آھي ۽ ڪجھھ علائقن ۾ سيوريج / ڊرينيج لائنون خراب ٿي ويون آھن. اھڙي طرح نارٿ ڪراچي کان انڊس اسپتال تائين روٽ ٽو 32.9 ڪلوميٽر ڊگھو آھي. ان جي علائقن جيئن تھ شفيق موڙ، سھراب ڳوٺ ۽ شاھھ فيصل پل وارن علائقن ۾ اسفالٽ واري ڪم جي ضرورت آھي ۽ گلشن. شاھھ فيصل وارن علائقن ۾ فٽ پاٿن جي مرمت جي پڻ ضرورت آھي. انھن علائقن ۾ سيوريج/ ڊرينج لائنن کي نقصان پھتو آھي، جن کي ٺيڪ ڪرڻ ضرورت آھي.  روٽ نمبر 3 ناگن چورنگي کان سنگر چورنگي تائين 33 ڪلوميٽر طويل آھي. ان جي علائقن ۾ حيدري، نيشنل اسٽيڊيم، شان چورنگي وارن روڊن تي اسفالٽ واري ڪم جي گھرج آھي جڏھن تھ ايف ٽي سي پل، ليفٽ ٽرن کان لياقت آباد نمبر 10 تائين فٽ پاٿ ٽٽل آھن ۽ لاڳاپل علائقن ۾ سيوريج لائئنون بھ خراب آھن تنھن ڪري انھن کي ٺيڪ ڪيو وڃي. روٽ نمبر 6 ۾ اورنگي ٽائون، پاپوش نگر، گارڊن، بلوچ ڪالوني، پي آءِ بي ڪالوني، بھادر آباد انڊرپاس جي روڊن ۽ فٽ پاٿن جي مرمت ڪئي ويندي. روٽ 7 جا روڊ ۽ سيوريج لائنون جيئن تھ قطر اسپتال جي ڀرپاسي، حاجي ھوٽل اورنگي ٽائون جي مرمت جي ضرورت آھي.  سنڌ جي وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي ھدايت ڪئي آھي تھ اھي لوڪل گورنمنٽ سان گڏجي ھم آھنگي پيدا ڪئي وڃي ۽ مرمت سميت سارسنڀال جا سمورا ڪم اولين بنياد تي شروع ڪيا وڃن. ھن وڌيڪ چيو تھ مان چاھيان ٿو تھ اوھان (ٻئي کاتا) 40 ڏينھن اندر ڪم مڪمل ڪري ڏيکارين.  سيد مراد علي شاھھ چيو تھ پيپلز بس سروس شھر ۾ ھڪ سٺي سھولت ٿي وئي آھي ۽ ان کي مناسب ريت برقرار رکيو وڃي. ھن ٽرانسپورٽ کاتي کي 20 ڏينھن اندر 250 بس اسٽاپ قائم ڪرڻ جي ھدايت ڪيئ. ھن چيو تھ بس تي ڪم ڪندڙ ڪلينر، ڪنڊيڪٽر ۽ ڊرائيور جھڙي عملي کي صاف سٿرو ھئڻ گھرجي. ھن وڌيڪ چيو تھ بس سروس جو معيار برقرار رکيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.