شاهد خاقان جي اڪائونٽ ۾ ڀارتي ڪمپني جا پئسا آيا: شهباز گل

لاهور( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ عمران خان جي چيف آف اسٽاف شهباز گل چيو آهي ته شاهد خاقان جي اڪائونٽ ۾ ڀارتي ڪمپني جا پئسا آيا. پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز گل چيو ته  شاهد خاقان  ايمانداري جو تاثر ڏيندو آهي پر هن ڀارتي ڪمپني کان پئسا ورتا. هن چيو ته 3 ۽ 30 جنوري 2017ع تي رقم پهتي، سمورا ثبوت موجود آهن. ايمانداري جو تاثر ڏيندڙ شاهد خاقان پيٽروليم وزير طور 3 ٽي ٽيز ورتيون. هوڏانهن  اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي شهباز گل جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته  پي ٽي آءِ ۽ سندس گند اڇلائيندڙ برگيڊ 4 سال حڪومت ۾ رهي آهي، شهباز گل جي واهيات الزامن ۾ صداقت آهي ته منهنجي خلاف عدالت ۾ پٽيشن ۾ داخل ڪري. ن ليگ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ منهنجي خلاف ٻه ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا، هن چيو ته  پي ٽي آءِ کي عدالتن ۾ ثبوتن سميت درخواستون داخل ڪرڻ گهرجن. 03

  • سکر بئراج وٽ پاڻي ۾ چاڙهه، ڪچي واسين جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو

سکر(رپورٽر) سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو مسلسل لاٿ ۽ چاڙھ جو وارو سلسلو جاري  آھي،ڪڏھن لاٿ ڪڏھن چاڙھ ڪچي توڙي پڪي جي ماڻھن جو ساھ مٺ ۾ ڪري ڇڏيو ڪچي جا ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا پڪي جا ماڻھو سخت پريشان آھـن،تربيلا ڊيم  جي گنجائش رڳو 21 فوٽ رهجي وئي آهي،  آبپاشي کاتي توڙي موسميات کاتي به مون سون جي برساتن جي به اڃان اڳڪٿي ڪئي آھي   پاڻي جي لاٿ ۽ چاڙھ جي ڪري آبپاشي عوام کي آٿت ڏيڻ بدران پاڻ پريشان نظر اچي پئي ڇو ته سنڌو درياء جا ڪچا بند مرمت وارا 2010 واري ٻوڏ کان پوءِ ڪروڙين رپيا جيڪي بندن جي مرمت لاءِ سنڌ حڪومت کان آيل ھيا اهي ڪرپشن جي نظر ٿي ويا،  گذريل ھڪ ڏينھن ۾ 20 ھزار کان وڌيڪ پاڻي اتي وڌيو آھي ـ اھڙي ريت سکر وٽ پڻ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال آهي،  بئراج انتظاميه سکر بئراج روڊ کي عام ٽرئفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سنڌو درياء ۾ پاڻي وھڪرن ۾ واڌ سبب سکر بئراج تي پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ بعد سکر بئراج انتظاميه پاران ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي لکت ۾ ليٽر جاري ڪندي آگاھي ڏني آھي ته سنڌو درياء ۾ پاڻي جي وھڪرن ۾ واڌ بعد سکر بئراج تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آھي بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج پاران 7 کان 8 آگسٽ تائين پاڻي وھڪرا وڌڻ جو الرٽ به جاري ڪيو آھي.

دعا کي ڪراچي جي دارلامان ۾ رکڻ لاءِ زور اسان ڏنو هو: جبران ناصر

ڪراچي (رپورٽر) دعا زهرا جي پيءَ مهدي ڪاظمي  جي وڪيل جبران ناصر چيو آهي ته مان عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته جيڪڏهن ٻارڙي کي رکڻو ئي دارالامان ۾ آهي ته ڇو ته ان کي ڪراچي منتقل ڪيو وڃي. پرڏيهي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ جبران ناصر چيو ته ٻارڙيءَ کي ڪراچي آڻڻ جي حوالي سان عدالت سامهون اسان جو اهو موقف هو ته ضرورت پوڻ تي والدين ٻارڙي کي ضروري شيون فراهم ڪري سگهن ۽ اسان ان حوالي سان سوال به ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان کي ڪي ڪپڙا، کاڌي پيتي جون شيون گهرجن ته اسان ڏئي سگهون ٿا. ٻارڙي جي دارالامان ۾ موجودگي ۽ اتي موجود سهولتن جي حوالي سان هن چيو ته جنهن اداري ۾ ٻارڙي رهي پئي، اهو سنڌ حڪومت جو پائلٽ پراجيڪٽ آهي، جتي سڀ بنيادي سهولتون موجود آهن، ڀلي اها عليحدگي ظاهري طور هڪ ڊرامو هجي يا حقيقت، توهان دارالامان ۾ انهن جا ٿورائتا آهيو، ڇو ته اتي جيترو کاڌو ڏيندا، جيتري سيڪيورٽي ڏيندا ايتري ئي ملندي، جنهن ٻارڙي جا والدين جيئرا هجن ۽ ان لاءِ ڪوششون ڪندا هجن ته اسان کي پنهنجي ٻارڙي صحيح سلامت گهرجي، اهي ڪيئن اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪندا. 03

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.