سياستدانن کان حساب، مارشل لا لڳائيندڙن کان سوال نٿو ڪيو وڃي: خورشيد شاهه

سکر (رپورٽر)وفاقي وزير آبي وسائل سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سياستدانن کان ته سوال ڪيا پيا وڃن، پر ملڪ  جي اهڙي حالت ڇو ٿي آهي ان بابت ڪوبه نٿو پڇي، اسان کان 35 سالن جو حساب ته گھريو پيو وڃي. انهن کان حساب نٿو ورتو وڃي، جن 4 ڀيرا ملڪ ۾ مارشل لا هنئي، مارشلا  دوران ملڪ ۾ ڪلاشن ڪوف، هيروئن، دهشتگردي ۽ طالبانائيزيشن جو وجود آندو، هن اهڙيون ڳالهيون آءِ بي اي سکر ۾ تعليم کاتي ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن ۾ آفر آرڊر ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي جو ملڪ ۾ رڳو 13 ملين ايڪڙ فوٽ درياهه جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي، اسان جو 127 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. جنهن سان ملڪ جو ساليانو 8 بلين ڊالر نقصان ٿئي ٿو، ملڪ ۾ 1978 ۽ 1979 ۾ 70 سيڪڙو بجلي پاڻي تي ٺهندي هئي پر اڄ 75 سيڪڙو بجلي ٿرمل ۽ 25 سيڪڙو بجلي پاڻي ذريعي تيار ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جا 3 درياهه ڀارت کي وڪرو ڪيا ويا هئا، عوام سوشل ميڊيا تي مارشلا  هڻندڙن کان سوال ڪري ته ڊيم ڇو نه ٺاهيا ويا، اسان سياستدان آهيون، ڪوبه سياستدان ملڪ ۾ مارشلا  هڻڻ جي ڳالهه نه ڪندو. هن چيو ته مان سکر کي ايجوڪيشن سٽي ٺاهيو آهي، 5 يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن. تقريب دوران وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه 801 جي ايس ٽي استادن ۾ آفر آرڊر ورهايا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.