6 کان 8 هفتن ۾ چونڊن جو طبل وڄي سگهي ٿو: عمران خان

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي نين چونڊن جي تياري جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، لاهور ۾ عمران خان وزيراعليٰ هائوس ۾ اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، هن چيو ته 6 کان 8 هفتن ۾ ايندڙ عام چونڊن جو اعلان ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، حالتون مشڪل ٿي رهيون آهن، ڏکڻ پنجاب پي ٽي آءِ جو ڳڙهه آهي ۽ رهندو، ڏکڻ پنجاب کي نظرانداز ڪرڻ جو وقت گذري ويو،  اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي تنظيمي چونڊن جي تياري ڪن، هوڏانهن عمران خان وڏي وزير پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن امداد ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.