سکر بئراج جي دروازن ۾ وڌيڪ 4 لاش ڦاٿل

سکر (رپورٽ:اختيار علي چنا)سکر بئراج ۾ پاڻي جي چاڙھ سبب اڻ سڃاتل ماڻھن جا لاش ملڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگھيو ڪيترن ڏينھن کان لاش ملڻ وارو سلسلو جاري آھي بيراج جي گيٽن ۾ اڃا  چار لاش ڦاٿل آھن انھنسميت 27  لاشن جو انگ ٿي ويو  ٻن ھفتن اندر 23 لاش مليا ھئا ٻن لاشن جي ھندو  برادري سان تعلق هئڻ  جي تصديق بعد ٻيھر سنڌو درياء جي حوالي ڪري  ڇڏيا ۽ ڪالهه به چار لاش گيٽن ۾ ڦاٿل   رھيا جن کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ سکر ۽ روھڙي پوليس ڪوششون ڪيون  ھڪ لاش ٻاھر ڪڍيو جيڪو سڃاڻپ جهڙو نه رهيو،  پوليس ترجمان بلاول لغاري موجب گيٽن مان ڪجھ ملاح برادري جا نوجوان آھن جيڪي لاش ڪڍن ٿا انھن کي حد جي پوليس ڪجهھ معاوضو ڏي ٿي باقي ضلعي انظاميا پاران ريسڪيو تحت ٽوٻا ڀرتي ڪيا ھيا جن کي پگھارون به ادا نه   نڪيون ويون جنھن سبب اھي ٽوٻا ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناھين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.