”ڌارين کي نيڪالي ڏيو“ رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ٽنڊي محمد خان ۾ ريلي، ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ:حيدر شورو) جيئي سنڌ محاذ طرفان افغاني ۽ ٻين ڌارين جي نيڪالي لاءِ پارٽي چيئرمين رياض علي  چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي، اين ڊي پي صدر ممتاز بروھي، عبدالغفار ميرجت، پنھل جمالي، ممتاز آريسر ،زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الفتح چوڪ کان سيرت النبي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ڌاري آبادڪاري خلاف 20 آگسٽ تي موري 27 آگسٽ تي جيڪب آباد ۾ احتجاجي ريلين جو اعلان ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته افغاني پٺاڻن کي ھڪ رٿا تحت سنڌ جي داخلي رستن تي ويھاريو ويو آھي اقوام متحدا کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ مان غير قانوني پناھگير ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ھن رياست تي دٻاءُ وڌو وڃي خود ھن ملڪ جي حڪمرانن کي چئون ٿا ته سنڌي عددي ٿورائي ۾ تبديل پيا ٿين ان ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي افغاني سھراب ڳوٺ ۾ پنھجي اسٽيٽ قائم ڪريو ويٺا آھن ،هن چيو ته  پرامن سنڌي پٺاڻن جي هٿان قتل پيا ٿين بلاول ڪاڪا کي بي قصور شهيد ڪيو ويو ارشاد رانجهاڻي بابر ميراڻي ڪامران چانڊيو سميت اسان جا ڪيترائي نوجوان پٺاڻن جي گولين جو کاڄ ٿيا آهن پختون ليڊر شپ پنهنجي دهشتگرد افغاني ڪميونٽي کي سنڌ ۾ برابري جو حصيدار سمجهن ٿا پيپلزپارٽي افغانين سميت سڀني ڌارين کي جي ۾ جايون ڏيندي سندن پرورش ۽ پالنا ڪري رهي آهي غازي ڳوٺ پيپلزپارٽي جي سرپرستي ۾ ڊاٺو ويو بحريه ٽائون سميت سنڌ جون قيمتي زمينون پيپلزپارٽي ملڪ رياض جهڙن قاتلن کي وڪڻي ڏنيون ويون ۽ ابراج گروپ ذريعي ڪي اي سي جي صورت ۾ سنڌ جي ملڪيت خرچ ڪري عمران خان جهڙا جڙتو ليڊر پيدا ڪيا ويا وطن جا مالڪ سجاڳ ٿين ڌارين کي ھرگز برداشت نه ڪنداسين ان موقعي تي نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ افغاني پناهگيرن ۽ ٻين غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي ،شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن جي قانوني ۽ آئيني حقن جي پائمالي بابت فيصلو ته ورھين کان موجود آهي پر ان تي اختيار ڌڻين ھيل تائين عمل ناھي ڪيو. ممتاز علي بروھي خطاب ڪندي چيو ته ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي ذميوار پيپلزپارٽي آھي ،ڪراچي ۾ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ کي خالي ڪرائڻ لاءِ عورتن مردن ، معصوم ٻارن تي فائرنگ ڪري تشدد ڪرڻ جو فوري طور نوٽيس وٺي ملوث عملدارن اهلڪارن کي معطل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.