سياسي ڇڪتاڻ ۾ وڏو نقصان عوام جو ٿي رھيو آھي

ملڪ ۾ بي يقيني واري ڪيفيت ختم ئي نھ پئي ٿئي ٻئي پاسي عوام سرڪار جي منجھيل پاليسن مھائگائي جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو آھي. ڊالر جي قيمت آسمان تي چڙھي وئي آھي،ھر ھفتي ٻئي ھفتي پيٽرول،گئس ۽ بجلي جي اگھن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 37 ڏهائي 6 سيڪڙو واڌ ٿيڻ سبب عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ٽيڻ تي واڌ ٿي وئي آهي، ملڪ ۾  مهانگائي جي شرح 37 ڏهائي 6 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

اھڙي صورت ۾ ھڪ عام ماڻھو لاءِ پنھنجو گذر ڪرڻ نھ رڳو ڏکيو بلڪھ نا ممڪن ٿي رھيو آھي،سرڪار جا وزيرمشير صرف اھا وضاحت ڪري ۽ ان وڌندر مھانگائي جا سبب ۽ ان بابت انگ اکر ٻڌائي رھيا آھن، جنھن سان عام ماڻھون گھڻو مايوسي ۾ مبتلا ٿيندو پيو وڃي.

ھاڻوڪي مھانگائي سان  عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ٽيڻ تي واڌ ٿي وئي آهي، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ٿي ويو آهي،حڪومتي شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب ملڪ ۾ هلندڙ مهيني دوران مهانگائي جي شرح 37 ڏهائي 6 سيڪڙو تائين پهتي آهي، دالين، گوشت، ٽماٽي ۽ ايل پي جي گئس سلينڊر سميت 30 کان وڌيڪ عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي..

ھوڏانھن ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل موجب 3.8 بلين ڊالرن جي پيٽروليم شين جي خريداري جون ادائگيون جولاءِ ۾ ڪيون ويون، جنهن سبب رپئي تي گهڻو دٻاءُ پيو ڇو ته ادائيگيون وڌيڪ هيون ۽ ڊالر جي آمد گهٽ هئي.ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته هن مهيني اسان کي اسٽيٽ بئنڪ کي 800 ملين ڊالر کان وڌيڪ رقم ڏيڻي هئي ڇو ته امپورٽ، پيئمنٽ، ريمٽنس شامل ڪرڻ سان اسان کي 800 ملين ڊالرن جو خسارو آهي،تنهن ڪري اهو دٻاءُ آهي.

ھن اميد ڏيکاري تھ  آگسٽ کان اھو دٻا ختم ٿي ويندو،ھن موجب ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گاڏين، موبائيل فونن ۽ گهريلو بجلي جي سامان جي درآمد تي پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته 16 جولاءِ جي چونڊن کانپوءِ ڊالر اسان جي ڪنٽرول مان نڪري ويو ۽ ان جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو.هن چيو ته اسان درآمدي  ۾ گهٽتائي جهڙا قدم کنيا آهن، جنهن سان پاڪستان ۾ ايندڙ ڊالر وڌيڪ ٿيندو.مارڪيٽ جي ڪنهن کي خبر ناهي پر صورتحال اسان جي حق ۾ آهي ان ڪري لڳي ٿو ته ايندڙ 2 هفتن ۾ ڊالر ۾ بهتري ايندي.

ناڻي واري وفاقي وزير وٽ يقينن انگ اکر ھوندا،ھو جيڪو ڪجھھ چئي رھيو آھي اھو بھ درست ھوندو پر اصل سوال تھ پنھنجي جاءِ تي موجود رھي ٿو تھ ھن مھانگائي ۾ ھڪ عام ماڻھون حالتن کي ڪئين منھن ڏئي سگھي ٿو. عمومن ھتي جو ھيٺيون طبقو مھانگائي ۾ ھر گذرندڙ ڏينھن سان دٻجندو پيو وڃي، ڇا ھن ٿيندڙ مھانگائي جي نسبت سان حڪومت سرڪاري ملازمن يا وري نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي پگھار   وڌ ائڻ جو ڪو اعلان ڪندي،جيڪڏھن ائين نھ آھي تھ پوءِ وڌندڙ قيمتن سان ھڪ پورھيت،ھو ھاري.ھو ڏھاڙي مزدرو، ھڪ عام ملازم ڪيئن منھن ڏيندو ماڻھون تھ ھاڻي اھو ٿا چون تھ جيڪڏھن اھي پارٽيون معاملن کي سڌي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نھ ھيون تھ پوءِ ھن تڪڙي ڪري حڪومت ڇو ورتي ؟ عوام جو پيٽ ھاڻي وفاق توڻي صوبائي حڪومتن جي اعلانن ۽ فيصلن سان نھ پيو ڀرجي.

جيڪڏھن ھي حڪومت عوام جي مفادن وٽان ڪو بھ قدم نٿي کڻي سگھي،مھانگائي تي ڪنٽرول نٿي سگھي،ماڻھن جا مسئلا حل نٿي ڪري سگھي تھ پوءِ ان جي رھڻ جو ڪو بھ اخلاقي جواز ناھي،اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ ھلندڙ ويڙھ ۽ ڇڪتاڻ سبب سڀني کان وڏو نقصان تھ عوام جو ئي ٿي رھيو آھي، جنھن جي لاءِ ھر سياسي ڌر اھا دعويٰ ٿي ڪري تھ ھوءَ عوام جي حقن جي لاءِ ئي وڙھي رھي آھي يا ملڪ جي لاءِ ميدان ۾ آھي پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ محسوس ٿي رھي آھي،معاملو اھڙي ئي نموني ھلندر رھيو تھ پوءِ اھي سياسي ڌريون عوام جي حمايت کان محروم ٿي وينديون.

اختر بلوچ جون خدمتون ھميشھ ياد رکيون وينديون

 

ڪراچي جو سينئر صحافي.ليکڪ، محقق ۽ تجزئي نگار اختر بلوچ ڪراچي  ۾ مختصر  بيماري بعد لاڏاڻو ڪري ويوسندس عمر 50 سال کن ھئي،ھو ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جو بھ پراڻو ميمبر ھو.

اختر بلوچ جو شمار انھن صحافين ۾ ٿئي ٿو جن سماج ۾ پکڙيل منفرد قسم جي موضوعن جي چونڊ ڪئي.ھو ڪجھھ ڏينھن کان ھلڪي بخار ۽پيٽ جي تڪليف ۾ مبتلا ھو.

اختر بلوچ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو، هو حيدرآباد پريس ڪلب سان پڻ سلھاڙيل ھو تھ  سنڌ ۾ ايڇ آر سي پي جو ڪوآرڊينيٽر پڻ رھيو ھو،

ھو ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ھڪ غير سرڪاري تنظيم ۽ ڪراچي جي ھڪ نيوز ٽي وي سان پڻ ڪم ڪيو، سندس بلاگز، پراڻي ڪراچي تي تحقيقي مقالا، شخصيتن ۽ ٻين معاملن تي ’ڪرانچي والا‘ سميت 2 ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

هن سماج ۾ نظرانداز ٿيل ٽين جنس بابت بھ هڪ تحقيقي ڪتاب اردو ٻولي ۾ لکيو ھو.اختر بلوچ  مختلف يونيورسٽين سان وزيٽنگ فيڪلٽي ميمبرن جي حيثيت سان پڻ لاڳاپيل رهيو ھو.

ھو  اردو ادب ۾ انسانيت جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو.مرحوم پونئرن ۾ ھڪ بيواهه ۽ 3 ٻار ڇڏيا آهن،سندس فوتگي تي ڪراچي جي صحافي حلقن ۾ ڏک واري لھر ڇانيل آھي.اختر بلوچ جي وفات تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ  ،مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم شيخ ۽ وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب پڻ ڏک جو اظھار ڪيو آھي.

اختر بلوچ جون صحافتي خدمتون ھميشھ ياد رکيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.