روس جي يورپي يونين جي پابندي تي جوابي ڪارروائي

پرڏيھي واءُ سواءُ ...

يورپي يونين پاران پابندين تي روس جوابي  ردعمل طور ليٽويا رياست کي گئس جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي.روسي گئس پيدا ڪندڙ ڪمپني ”گيزپروم“  معاهدي جي شرطن جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي اھو قدم کنيو آھي،جڏهن ته بالٽڪ رياست جو چوڻ آهي ته روس جي ان ڪارروائي جو ان تي ڪو خاص اثر نه پوندو.

ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب روس ھن کان اڳ ئي پولينڊ، بلغاريا، فنلينڊ، هالينڊ ۽ ڊينمارڪ کي بھ گئس جي فراهمي بند ڪري چڪو آهي.روس انهن ملڪن کي گئس جي فراهمي ان ڪري بند ڪري ڇڏي هئي ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن صدر ولاديمير پيوٽن جي  ان حڪم جي مطابق گئس جي قيمت ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن ۾ روسي بئنڪن ۾ روبل اڪائونٽ کولڻ جو پابند ڪيو هو.روس جرمني ۾ شيل انرجي يورپ ڪمپني کي بھ گئس وڪرو ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.

سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ روس جي تيل واري ڪمپني چيو آهي ته ڪمپني خريداري معاهدي جي شرطن جي ڀڃڪڙي سبب بالٽڪ رياست کي گئس جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي.يورپي يونين جي رياستن روس تي الزام لڳايو آهي ته هو يوڪرين ۾ ماسڪو جي مداخلت سبب اولھھ جي ملڪن  پاران لاڳو پابندين جي جواب ۾ گئس جي فراهمي کي گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

بهرحال گيزپروم ڪمپني ان جو  ٽيڪنيڪل سبب ٻڌايو جنھن موجب ھنن جو ھڪ  ٽربائن  بند آھي.روس جي تيل واري ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته اهو جرمني کي نارڊ اسٽريم (ون) گئس پائيپ لائين ذريعي گنجائش موجب گئس جي فراهمي کي گھٽائي ڇڏيندو.لايٽوين جي  اقتصاديات جي وزارت  انرجي پاليسي عملدار جو چوڻ ھو ته گيزپروم جي ان قدم جو اسان تي بنھھ ٿورو اثر پوندو ڇو ته ليٽويا  پهريان ئي پھرين جنوري 2023 کان روس جي درآمدات تي پابندي لڳائڻ  جو  فيصلو ڪري چڪو آهي.هن چيو ته روس جي ان قدم جا سندن ملڪ تي ڪي به وڏا ناڪاري اثر نظر نه پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.