قومي ڪانفرنس: پرامن ۽ منظم جدوجهد ذريعي ئي سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي ممڪن آهي

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري واري مسئلي تي احتجاج ٿي رهيا آهن، سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، هر طرف سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جا نعرا گونجي رهيا آهن، سنڌ جي قومپرست جماعتن جا ڪارڪن بندشن باوجود سڄي سنڌ ۾ سرگرم نظر اچي رهيا آهن، سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي وارو مطالبو سنڌ جو پراڻو مطالبو آهي، ڌارين جي آبادڪاري ڪا نئين ڳالهه ناهي، پهريان به مختلف وقتن تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ٿيندا رهيا آهن، پر هاڻ ان مسئلي کي انتهائي سنجيدا ورتو پيو وڃي.

گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف “قومي ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيل هن ڪانفرنس ۾ قومپرست قيادت سميت سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن، شاعرن، اديبن، دانشورن، ليکڪن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، قومي ڪانفرنس ۾ گڏيل قرارداد پاس ڪندي سنڌ جي پراڻي مطالبي کي هڪ ڀيرو ورجايو ويو ته سنڌ مان بنا دير افغاني، بهاري ۽ بنگالي پناهگيرن سميت غيرقانوني طور ترسيل سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ آباد ٻين صوبن جي ماڻهن کان ڊوميسائل، پي آرسي، ووٽ ۽ ملڪيت جو حق کسيو وڃي. ڪانفرنس ۾ (جسقم) جي چيئرمين صنعان خان قريشي، جسقم جي سينيئر اڳواڻ آصف بالادي، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان سجاد احمد چانڊيو، جي يو آءِ ف سنڌ جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور، نامياري ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽي، ليکڪ محسن جويو، ذوالفقار قادري، پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهه، ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم جي اڳواڻ قانوندان ستار سرڪي ۽ ٻين پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته سنڌ مان افغاني پناهگيرن سميت ٻين غيرقانوني طور تي ترسيل غيرملڪين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ هلندڙ جدوجهد وڌيڪ سگهاري ۽ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، وقت جا حڪمران سنڌ مان ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن، توڙي جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيل آهي ته افغانين سميت ٻين پرڏيهين کي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي، پر سنڌ جا حڪمران عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهن، مٿان وري ڪراچي مان ڌرتي ڌڻين کي ڪڍڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ان صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻهن ڌارين جي لوڌ خلاف تاريخي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جا ماڻهو ڌارين کي نيڪالي ڏياري سنڌ کي نجات ڏياريندا، ان لاءِ هي قومي ڪانفرنس ڪرائي وئي آهي ته جيئن سنڌ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي گڏيل صلاح مشوري سان ڌاري آبادڪاري خلاف جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهجي.

قومپرست قيادت جو چوڻ هو ته پنجاب سنڌ کي ڪرٽي کائڻ چاهي ٿو، ڌاريا پنجاب جا ساٿاري آهن، جيڪي گڏجي سنڌ جو وجود مٽائڻ چاهين ٿا، اهڙي طرح پيپلزپارٽي سنڌ جي مفادن جي ترجمان نه پر ڌارين جي ساٿاري ۽ سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪندڙ جماعت آهي، اهو پيغام گهر گهر پهچائجي ته پيپلزپارتي سنڌي ماڻهن جي ووٽ جي امانت سان خيانت ڪري ٿي.هڪ ڌر سنڌ فٻائڻ واري، ٻي ڌر سنڌ ورهائڻ واري، ٽين ڌر سنڌ کپائڻ واري ۽ چوٿين ڌر سنڌ بچائڻ واري آهي، سنڌ بچائڻ واري ڌر سنڌ جا قومپرست آهن، سنڌ هزارين سالن جو جداگانه وطن آهي، آجپو سنڌين جو بنيادي حق آهي، سنڌ پنهنجو فيصلو ڪرڻ ۾ بااختيار آهي ۽ تاريخ ۾ هڪ ڏينهن وڏو فيصلو ضرور ڪندي. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ آباد ڪيل ڌارين جا شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل، ووٽ رد ڪيا وڃن، موجودا وقت ۾ سنڌ کي يروشلم بڻايو ويو آهي، جتي وڏي عرصي کان هٿ وٺي ڌارين کي آباد ڪري اصل ڌرتيءَ ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش تي ڪم ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن جي مزاحمت مان ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌ جي شهرن، سمنڊ، زبان، ٻولي ۽ اجرڪ کي ڌرتيءَ ڌڻي هرحال ۾ بچائيندا، سنڌي هڪ شاندار صوفياڻو مزاج رکندڙ قوم آهي، سنڌ جا ماڻهو غيرتمند آهن، پيپلزپارٽي کي سوچڻ گهرجي ته کيس سنڌ جا ماڻهو ئي ووٽ ڏين ٿا سڄي ملڪ مان پيپلزپارٽي جو وجود ختم ٿي ويو آهي، جيڪڏهن پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ واري عمل کان پوئتي نه هٽي ۽ ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ته ان جو نقصان پيپلزپارٽي کي ٿيندو، انهن ڌارين کي ڀلي پيپلزپارٽي پئي آباد ڪري ۽ سهولتون ڏئي پر ورندو ڪجهه به ڪونه، پيپلزپارٽي سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪري، پيپلزپارٽي سنڌ سان گڏ نه بيٺي ته سندن تخت جو تاج سنڌ جي زمين ۾ دفن ٿي ويندو. سنڌ عربن جي حملن کان ويندي انگريزن جي قبضي بعد پاڪستان جي ڪالوني بڻجي وئي، جنهن ۾ سنڌ سان وڏا ظلم ۽ زيادتيون ٿيون آهن، سنڌين سدائين حملو ڪندڙن سان مقابلو ڪيو آهي، ايوب، ضياءَ ۽ مشرف سنڌ جون هزارين ايڪڙ زمينون پنجابين کي ڏنيون پر پنجابي سنڌي نه ٿي سگهيا، افغانين کان ويندي بنگالين، برمين، بيهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو آهي، سنڌ سنڌين جي امڙ جيجل آهي، ڌارين خلاف گڏيل مزاحمت ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري انهن جو مقابلو ڪرڻ ۽ سنڌ بدر ڪرائڻ ئي سنڌ جي ماڻهن جو موقف آهي، سنڌ وطن کان مٿي ڪابه سياست ناهي.

ڪانفرنس ۾ هڪ رپورٽ جو ذڪر ڪندي وڪيل اڳواڻن چيو ته 2011ع جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ صرف ڪراچي هڪ شهر ۾ 25 لک افغاني، برمي، بهاري ۽ بنگالي رهيل آهن، جيڪو انگ هاڻ تمام گهڻو وڌي ويو آهي، ڌاري آبادڪاري سنڌ جو اهم مسئلو آهي، سپريم ڪورٽ جو 2011ع ۾ فيصلو آهي ۽ وفاقي حڪومت پاران  صوبائي حڪومتن کي حڪم ٿيل آهي ته پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي، پر افسوس جو 2022ع تائين ان فيصلي تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري پيپلزپارٽي دور ۾ ٿيل آهي، ان قومي ڏوهه ۾ پيپلزپارٽي شامل آهي، اسٽيبلشمينٽ طرفان سنڌ تي ٿيندڙ حملن ۾ پيپلزپارٽي ان جي ساٿاري رهي آهي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سندن استحصال ڪرڻ جي سازش هلي رهي آهي، سنڌ ۾ پ پ سرڪار 14 سالن کان اڻ اعلانيل ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، هٿين خالي ماڻهن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿين پيا.ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته ماضيءَ وارو سنڌ جو مزاحمتي ادب هاڻ نظر نٿو اچي، سنڌ جي موجودا صورتحال ۾ ان مزاحمتي ادب کي سامهون اچڻ گهرجي ها جيڪو سنڌ جي ماڻهن جي حوصلا افزائي سان گڏ کين هڪ رستو به ڏسي ها، اهو اڄ جو سوال آهي ته سنڌ جي اڪثريتي ادب ۾ مزاحمتي ادب ڪٿي آهي؟. قومپرست قيادت چيو ته اسان کي تاريخ ۾ جهاتي پائڻي پوندي، ڀٽو کي 1973ع جي آئين ۾ قومي تضاد نظر ڇو نه آيو؟ طاقت ۾ هجڻ باوجود وقتائتا فيصلا نه ڪيا ويا، ان ڪري هاڻ تاريخ کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پرامن ۽ منظم جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ وڪيل اڳواڻن اعلان ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪنداسين، ڌارين جو سماجي ۽ معاشي بائيڪاٽ جاري رکيو وڃي، اهو طريقيڪار انتهائي شاندار آهي، ان کي اڳتي وڌايو وڃي، ڌاري آبادڪاري کان ويندي سنڌ جي مسئلن تي قومپرستن جو موقف هڪ ئي آهي، سپريم ڪورٽ به ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڏنو آهي، سنڌي پنهنجا دڪان گهر وڏي مسواڙ جي لالچ ۾ ڌارين کي ڏين ٿا، سنڌي آفيسر پئسن جي لالچ ۾ ڊوميسائل به ٺاهي ڏين ٿا، زمينون به وڏي ملهه تي ڌارين کي وڪرو ڪري ڏين ٿا. ان مسئلي تي به سنڌ جي ماڻهن کي سوچڻ گهرجي.

سنڌي ڪڏهن به ڪنهن جا غلام نه رهيا آهن نه رهندا، سنڌين کي شهرن ڏانهن رخ ڪرڻ گهرجي، ان سان سنڌي پنهنجي شهرن جي مالڪي ۽ سرپرستي ڪري سگهندا، سنڌين کي سنڌ جي مسئلن تي جذباتي ٿيڻ بدران سنجيدگي جي به ضرورت آهي، ڪنهن به ڌاريي کي مستقل آباد ڪرڻ، ووٽ داخل ڪرڻ، ملڪيت خريد ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي، ڪراچي تي ڌاريي جي دعويٰ نٿي ٺهي، ڪراچي سنڌ ۽ سنڌين جو شهر آهي، افغانين سميت ٻين ملڪن ۽ صوبن جي ماڻهن کي واپس پنهنجي صوبن ۽ ملڪن ڏانهن وڃڻ گهرجي، حڪومت کي پناهگيرن جي نالي ۾ ڏوڪڙ ملن ٿا ان ڪري اها ڪڏهن به پرڏيهين کي نيڪالي نه ڏيندي. بلال ڪاڪا واقعي کي ڌاري آبادڪاري ڏانهن کڻڻ گهرجي، ان واقعي بعد سنڌ ۾ سياسي ڌريون ڌاري آبادڪاري خلاف ٻاهر نڪري آيون آهن، پناهگيرن کي عالمي قانون تحت بارڊرن تي رهايو وڃي.

بلال ڪاڪا جي واقعي بعد سنڌ ۾ آيل رد عمل کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، سياسي قيادت کي سوشل ميڊيا تي پنهنجي سياسي مهم کي اثرائتو بنائڻ گهرجي، سنڌي ڌرتي ڌڻي ۽ وطن جا مالڪ آهن، سنڌين خلاف سوشل ميڊيا تي وڏي باهه ٻاري وئي، پر اها جهڪي ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر پئجي وئي ته سنڌي ڪمزور نه آهن، اهي پنهنجي مالڪي ڪري سگهن ٿا، هي سياسي ۽ معاشي معاملن جي جنگ آهي، ان کي سنجيدگي سان سمجهڻ جي ضرورت آهي، گڏيل حڪمت عملي جوڙي  وڃي، جيڪا سنڌ جي حق حاڪميت ۽ وسيلن جو تحفظ ڪري. هي اهو وقت آهي جو سنڌين کي سياسي، سماجي مفاد هڪ پاسي ڪري هڪ ٿي سنڌ جي بقاءَ جي جنگ وڙهڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل سنڌ جي نمائندن تي سياسي سماجي ڌرين پاران زور ڀرڻ گهرجي ته اهي ڌارين کي سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڌارين کي هڪ منظم پلاننگ تحت رهايو ويو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌاريا آباد آهن، جن ملڪيتون خريد ڪرڻ سان گڏ هوٽلن جي نالي ۾ هٿيارن جا گودام قائم ڪري ڇڏيا آهن، افغانين، برمي بنگالين کي هتي رکي سنڌين جي پيرن ۾ زنجير وڌي وئي آهي. پاڪستان ۾ انهن کي ٻين صوبن ۾ ڇو نٿو رهايو وڃي، سنڌ کي پنهنجي قوم جو وجود ۽ ڌرتي سڀ کان وڌيڪ عظيم آهي، ان جي تحفظ جي لاءِ پنهنجا رستا ۽ لهجا تبديل ڪرڻا پوندا. سنڌ جي ماڻهن ڌاري آبادڪاري، ڪالاباغ ڊيم، بحريا ٽائون کان ويندي سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف ثابت قدمي سان جدوجهد ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.