عمران خان ۽ سياست جا بدلجندڙ رنگ

تحرير: امتياز عالم

معيشت  آزاد منڊي،سٽي بازي ۽ منافعي خورن حوالي ”تو چور، نه ته چور“ جي دنيا ۾ سياست بدنام ۽ سياسي حريف دشمني جو شڪار، عدليه ھڪٻئي جي ڄنڊاپٽ جي ويڙھ ۾ غرق،ملٽري اسٽيبلشمينٽ معاشي سلامتي لاءِ  سفارتڪاري ۾ مصروف آهي، رپيو بي حال،مھانگائي بي لغام۽ معاشي ڏيوالو برقرار، ان وچ ۾  ٻوڏ ۾ ٻڏندڙ  ماڻهو بي سھارا ۽ امير وڻندڙ  ٿڌي   موسم ۾ پڪنڪ پارٽين ۾ مصروف آهن. حڪمران اتحاد پنھنجين بي وقوفين ڪري پشيمان آهي ۽ ڄڻ  ھارايل .جڏھن تھ تحريڪ انصاف ٻن صوبن ۾ حڪمران جماعت آهي پوءِ بھ ھاءِ گھوڙا ڪندڙ اپوزيشن آهي. گهٽين ۾، انڌا پيروڪار هڪ ٻئي سان وڙهندا پيا رهن.اڄ جي خبر تھ آھي، سڀاڻي جي ڪنهن کي خبر ناهي. سياست به ڇا تھ هڪ طلسماتي راند آهي جنهن جي ڪا به موسم ناهي ھوندي،ڏسندي ڏسندي ئي ڦرڪو ڦري ٿو وڃي ۽ ويچارا تجزئي نگار وات ۾ آڱر دٻائي رھجي ٿا وڃن.

گذريل ٽن چئن مهينن ۾ ڇا مان ڇا ٿي ويو آهي. ٻڏندڙ  مخالف لهرن جي حوالي ٿيڻ بجاءِ درياهه جي وچ مان تري نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا تھ  جيڪي ٻوڙڻ لاءِ نڪتا ھئا سي هاڻي طوفاني لهرن ۾ اهڙو  ڦاٿا  آهن جو نھ ٻاهر  نڪري ٿا سھگن نھ ئي تري ٿا سگهن.سياست جي اسٽاڪ ايڪسچينج  ۾ هاڻي پي ٽي آءِ جو ڊالر مٿي کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ اتحادي حڪومت جي رپئي جي قيمت آھي جيڪا ڪرندي ئي پئي وڃي، ووٽ کي عزت ڏيڻ وارا ووٽ جي بي حرمتي جي رستي تي گامزن آهن، جڏهن ته ملڪ ٻوڙيندڙ مسيحائي واري ميدان  ۾ اڳتي آهي، ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان جي سياست جي ڪتاب کي ٻيھر لکيو آھي تھ  اهو عمران خان آهي. هن وقت هن کان سواءِ ڪو به پاپولسٽ ۽  مقبول ليڊر نھ آھي.

شريف ۽ زرداري هاڻي پراڻي ڪتاب جا الميه ڪردار آهن. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جنرل ايوب جي آمريت کي للڪاريو ۽ پيپلز پارٽيءَ جو بڻ بنياد وڌو ھو تھ ان وقت پاڪستان ۾ گهري طبقاتي ۽ علائقائي ورڇ پيدا ٿي چڪي هئي ۽ سڄي دنيا ۾ انقلابن جو سلسلو شروع ٿيڻ سان سڄي دنيا جو نوجوان سگھاري نظام کي ڊاھڻ جي لاءِ رستن تي نڪري آيو ھو، اوڀر پاڪستان ۾ قومي آزاديءَ ۽ اولهه پاڪستان ۾ طبقاتي آزادي تاريخ جون محرڪ قوتون بڻيون.  اهڙيءَ طرح 1973ع جي آئين سان جمهوريت وجود ۾ آئي. پوءِ ڀٽو مخالف ساڄي ڌر جون رجعت پسند قوتون جنرل ضياءُ الحق جي سرپرستيءَ هيٺ متحرڪ ٿيون ۽ رد انقلاب ڪامياب ٿي ويو. جنرل ضياءُ الحق جي ڊگھي مارشل لا ۾ سياسي ورهاست ڀٽو ۽ ڀٽو مخالف هئي. پوءِ رد انقلاب جون قوتون  مسلم ليگ ۾ گڏ ٿيون ۽ روايتي دڪاندار سياستدان بڻجي آيا، جيڪي ڀٽو مخالف ايجنڊا تي چونڊرايا ويا.

بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ عوامي ۽ جمهوري حقن جي سياست جو باب ختم ٿي ويو ۽ ڀٽو جي حمايت ۽ ڀٽو مخالف سياست جو دور پڄاڻي تي پھتو. پوءِ نواز شريف حامي۽ نواز شريف مخالف سياست جو دور شروع ٿيو، جنهن ۾  سياسي آئيڊيلسٽ ڀٽو نھ  پر دولتمند سياستدان ھڪ آدرش بڻجي سامهون آيو. شريف ماڊل رياست جي سرپرستي هيٺ پراڻي اسٽريٽجڪ بازاري سياست جو مظهر هو، جنهن کي ميان نواز شريف ”سر ۽ لوھ “ جي ترقياتي  ماڊل جي سياست جو روپ ڏنو. جيئن ڀٽو ايوب خان کي لتاڙي عوام جو هيرو ٿيو، تيئن نواز شريف به مقتدره جي پنجوڙ ٽوڙي تھ ھو  پنجابي هيرو بڻجي ويو. پر سياست جا ٻئي قطب (ڀٽو ۽ شريف) زماني جي حادثن جو شڪار ٿيا.

جنرل مشرف جي آمريتي روشن خيالي قدامت ۽ نئين اطلاعاتي انقلاب جي اندران ھڪ ٻيو ستارو چمڪڻو ھيو جيڪو ظاهر آهي ته ق ليگ يا گجرات جا چوڌري تھ ٿي ئي نه پئي سگھيا. جن کي مسلم ليگ ن آسانيءَ سان نظرانداز ڪري ڇڏيو هو.پراڻي دور جي جھيڙن ۾ وساميل سياست جو ڊراپ سين مشرف جي آمريت مخالف سياست جي جمھوري گھرجن ھٿان ملتوي ٿيندو رھيو،ھاڻي دائمي مقتدرھ جي ھٿن ۾ ڪو پتو نھ رھيو. منهنجي پراڻي دوست ۽ سماج سڌارڪ محمود مرزا متبادل سياست ۽ قيادت لاءِ غير روائتي سياست کان ھٽي ڪري هيٺان کان عوامي خدمت مان اڀرندڙ رضاڪار قيادت جو ٿيسز پيش ڪيو، ان جي ڪتابڙي جي مھورت ۾ مون کوٽيو تھ ان مان  صرف عمران خان ئي نڪري ٿو.

جيتوڻيڪ هو پي ٽي آءِ جي منشور ڪميٽيءَ جو روح روان هو، پر هن کي منهنجي شرارتن تي صدمو رسيو. عمران خان، ڪرڪيٽ جو هيرو، عظيم انساني خدمتگار جنهن سڄي ھڪ نسل کي متحرڪ ڪري شوڪت خانم اسپتال جي چندي ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ جيڪو زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ ھڪ وڏي عوامي مهم ھلائي چڪو ھو.

ھاڻي سياست جي پراڻي سڙيل ماحول ۾  چمڪ نھ رھي ھئي. پر پراڻين سياسي پارٽين جي نقاد طور سامهون آيو. پنهنجي ٽيهه ورهين جي دور ۾ پراڻا سياستدان بدنام ٿيا ۽ نيڪ نام  عمران خان عوام جي توجهه جو مرڪز بڻجڻ لڳو. خيبرپختونخواهه ۾ طالبان جي وڌندڙ اثر ۽ پنجاب ۾ ٻنهي وڏين پارٽين جي مقدرھ  کان بيزاري (چارٽر آف ڊيموڪريسي) اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان ۾ هڪ روشن متبادل نظر آيو. پوءِ ڇا ٿيو؟ سڀ رڪاوٽون ختم ٿينديون ويون. پر اهو تڏهن ٿيو جڏهن پاڪستان جي آبادي جي ڊيموگرافي نوجوانن جي حق ۾ تبديل ٿي وئي ۽ اهي سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويا.  پاڪستاني سماج جي سڀ کان وڌيڪ سرگرم نوجوان حصي جو هيرو بڻجي عمران خان سمورين پراڻين سياسي قوتن کي چيلينج ڪيو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي طرز جي سياست سان سياسي منظر نامي تي ڇائنجي ويو.پر ان فرق سان ته ٽرمپ آمريڪي اختيار کي چيلينج ڪندي سامھون آيو ھو جڏهن ته عمران خان مقتدره جي مدد سان اقتدار ۾ آيو.

جيڪا عوامي منجن عمران خان  وڪرو ڪيو،اھو ٻين پاپولسٽ اڳواڻن وانگر چون چون جو مربو ھو، چورن کان نجات، احتساب، مديني جي مثالي ”رياست“، ٻه  پاڪستان، فلاحي رياست ۽ جديد قدامت پسندي، ظاهر آهي ته جڏهن عمران خان کي عوامي حمايت ملي وئي ته پوءِ هو ڪنھن جي اڳيان ھٿ ڇو ڊگھريندو،پوءِ ڇا ٿيو؟ قومي خودمختاري، قومپرستي ۽ مذهب ڪارڊ گڏجي ٻن باھين جو ڪم ڪيو، ۽ جڏهن هڪ صفحو ڦاٽو  ته پوءِ ڇا ٿيو، عمران خان پنهنجي طاقت جي زور تي اهڙو قدآوار ليڊر بڻجي ويو ، جيئن نواز شريف هڪ ڀيرو بڻجي ويو ھو. پر هن فرق سان تھ هن سان گڏ هاڻي جديد دور جي قدامت پسندي ۽ جديديت کي پسند ڪندڙ  هڪ وچولو طبقو آهي، جنهن جا مرد توڙي عورتون، نوجوان، جديد معلوماتي انقلاب جي زور تي هڪ اهڙي لمپن انقلاب جا داعي آھن.جنهن جو ڪو به پتو ھدف آھي ۽ نھ ئي ڪو وڏو مقصد.

عجب اتفاق آهي ته اتحادين جي وفاقي حڪومت غير مقبول فيصلا ڪري رهي آهي ۽ آزاد منڊي ۽ عالمي مالياتي ادارن جي اسيرآهي، جڏهن ته عمران خان خيبرپختونخواهه کانپوءِ ھاڻي پنجاب ۾ به احساس پروگرام بحال ڪري، صحت ڪارڊ ۽ راشن ڪارڊ جي معرفت مسيحائي سياست ڪرڻ پيو وڃي،جيئن جيئن وقت گذرندو تيئن تيئن عمران خان جي مقبوليت وڌندي ۽ اتحادي پارٽيون عوام کان پري ٿي وينديون. عمران خان لاءِ جيڪو کوهه کوٽيو ويو هو، ان ۾ لڳي ٿو ته اتحادي وڏي بي اعتماديءَ سان اونڌي منھن ڪري پيا آهن.گذريل دور ۾ عمران خان جي لھر اليڪٽيبلز ۽ مافيا کڻي وئي ھئي ھاڻي  هن ڀيري ڪير فيضياب ٿيندو  ڪير ڄاڻي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.