سوڀو ديرو ويجهو فصل مان هيئروئني جو لاش هٿ

سوڀوديرو (ن ع آ)  سوڀوديرو جي  ڳوٺ حسين بخش چنڊي لڳ نواڙو شريف جو رھواسي پنجاھ پنجونجاھ سالا ھيرونئي شيرل ولدمحمد جمن چنڊي جو لاش وزيرحسين حطار جي ووئڻن جي فصل ۾ پيو ھو ته ووئڻن مان گاھ ڪندڙن ڏسي ورتو ان دوران نواڙو سوڀوديرو روڊ سان وڏي تعداد ۾  علائقي واسي گڏ ٿي ويا اھڙو اطلاع  ايس ايڇ او سوڀوديرو اميرعلي چانگ ۽ سڳيون چوڪي انچارج سھراب شر کي ڏنو ويو۔ اطلاع ملڻ تي سڳيون چونڪي انچارج سھراب شر ۽ فوتي جا وارث پھچي ويا سڳيون چوڪي انچارج سھراب شر کي فوتي جي وارثن ٻڌايو ته فوتي شيرل چنڊي ھيروئني آھي اسان جي ڪنھن سان به دشمني ڪانھي نشو واپرائڻ سبب مري ويو آھي۔ان دوران پوليس  لاش  وارثن کي کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني  لاش جي ڀرسان ھٿ واري ٽارچ ھڪ شيشي ۽ پيتل ھيروئن جون پڙيون پڻ پوليس کي ھٿ آئيون وارثن چيو ته اسان  ڪابه ڪاروائي نه ٿا ڪرائڻ چاھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.