پراڻ جو پاڻي حفاظتي بند سان ٽڪرائجي ويو،جهڏي ۾ ٻوڏ جو خطرو

جهڏو (ن ع آ) جهڏو ۾ برساتي پاڻي جي قدرتي وهڪري پراڻ دريا هاڪڙي ڍوري، ۽ ايل بي او ڊي جي بندن جي مرمت لاءِ آيل ڪروڙين رپين جو فنڊ ڪرپشن جي نذر ٿي ويو، لاڳاپيل ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان روزانو لکين رپين جا ڪوڙا بل ٺهڻ لڳا. پراڻ جي ڪمزور بندن جي مرمت نه ٿي سگهي جنهن سبب هڪ دفعو وري تعلقي جهڏو ۾ مها ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل جاڻ موجب برساتن سبب ايل بي او ڊي ۽ پراڻ ۾ پاڻي مسلسل وڌي رهيو آهي جنهن سبب جهڏو نئون ڪوٽ هڪ دفعو وري مها ٻوڏ جي ليپٽ ۾ آهن، ايل بي او ڊي ۽ ايم ايم ڊي ڊرين تي ڪم ڪندڙ عملو بندن جي مرمت لاءِ آيل رقم تي هٿ صاف ڪرڻ واري عمل ۾ مصروف آهن، مشينون ڪم ڪرڻ بدران بندن جي ڀرپاسي ۾ بيٺل آهن، جنھن ۾ روزانو لکين رپين جا بل تيل ۽ ليبر جي مد ۾ ٺهي رهيا آهن جڏهن ته ڪمزور بندن جي مرمت جو ڪم نه ٿي سگهيو آهي، ھن وقت پراڻ جو برساتي پاڻي حفاظتي بند سان ٽڪرائجي ويو آهي جنهن ۾ روزاني بنيادن تي اضافو ٿي رهيو آهي، هوڏانهن جهنڊو پاتڻي. سخي. سرائي گاڏ ۽ باءِ پاس وٽان بندن جي مرمت نه هجڻ سبب پاڻي ڀرپاسي جي آبادين ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتان ماڻهو پنهنجا اجھا ۽ مال متاع ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ٻئي پاسي انتظاميا رليف ايمرجنسي جي نالي ڪا به شئي نظر نه ٿي اچي جڏهن ته سياسي سماجي ڌرين. ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، سارنگ ڀٽي، فرحان ڪنڀار ۽ ٻين پاران لاڳاپيل آفيسرن کي بار بار نشاندهي ڪرڻ باوجود ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي، ان حوالي سان شهرين جو چوڻ آهي ته جھڏو ۽ نئون ڪوٽ سميت ڀرپاسي جا سوين ڳوٺ ننڍي ٻوڏ ۾ ورتل آهن اربين رپيا سرڪاري فنڊ موجود آهي پر عملو ڪم ڪرڻ بدران مال ميڙڻ ۾ مصروف آهي، جنهن سبب عوام بي يارو مددگار بڻيل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پراڻ، ايل بي او ڊي ۽ هاڪڙو درياءَ جي بندن کي مضبوط نه ڪيو ويو ته لکين ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پراڻ جي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي.

  • بلوچستان جي وڏي وزير پاران ڏکي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي. هن چيو آهي ته ڏکي وقت ۾ ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪ فوج، خيبرپختونخواهه  جي وڏي وزير محمود خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو خصوصي طور تي جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.

  • چڪ شهباز سميت گهوٽڪي ضلعي ۾ برسات، فصل ٻڏي ويا، متاثر پريشان

چڪ شھباز پور (جاويد لاشاري) سنڌ جي ٻين شھرن جيان چڪ شھباز پور سميت گھوٽڪي ضلعي ۾ به چوماسي جي برساتن تباھي مچائي ڇڏي آهي جنھن سبب وونڻن جو فصل مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو آهي ته ٻي پاسي وري مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڪچا پڻ ڊھي پٽ ٿي ويا آھن متاثر کلي آسمان بي يارو مددگار ويٺل آهن پر ھن وقت تائين يوسي سيڪريٽري ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي توڙي جو ضلعي انتظاميه جا آفيسر مڪمل طور تي عوام کان لاتعلق بڻيل آهن سندن ڪا به واھر نه ٿي سگهي آهي، ان سلسلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن فضل الرحمان ڀٽو، حافظ نعيم بلوچ، ڪامريڊ فضيل احمد، غلام مصطفي شيوا راٺوڙ ۽ ٻين ”عوامي آواز” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته افسوس جو مقام آھي ته يوسي سيڪريٽرين کي ماھوار پنج لک روپيا بجيٽ ملي ٿي جيڪا سندن ڪيترن ئي سالن کان جيب خرچو بڻجي وڃي ٿي ته ٻي طرف ضلعي انتظاميه عوام کي رليف ڏيڻ ۽ سندس واھر ڪرڻ کان ڪنارا ڪش بڻيل آهي جيڪو گھوٽڪي ضلعي جي عوام سان ظلم آھي آخر جن غريب ماروئڙن جا ھڪ طرف فصل تباھ ٿي ويا آھن ته ٻي طرف گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن ھو کلي آسمان بي يارو مددگار ويٺل آهن ھنن جي واھر ڪير ڪندو ھنن سنڌ حڪومت ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي گھوٽڪي ضلعي جي عوام کي ريليف ڏنو وڃي.

  • ميري خان گرلس اسڪول اڳيان برساتي پاڻي جو تلاءُ،احتجاج

ميروخان (ن ع آ) ميري خان شھر جي لطيف آباد ڪالوني ۽ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول واري رستي تان ھڪ مھيني کان ٽائون انتظاميا طرفان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف نوجوان اتحاد جي سڏ تي نوجوان اتحاد جي  ڪارڪنن ۽ شھرين طرفان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڀٽو پئٽرول پمپ کان عوامي پريس ڪلب تائين احتجاج ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ منير احمد لاشاري مٺل لاشاري پنھل جويو  صابر علي ديناري سھيل احمد چاچڙ فياض حسين منگي سردار علي کيڙو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ميروخان شھر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ٽائون انتظاميا مڪمل طور ناڪام بڻجي وئي لطيف آباد محلي گرلس اسڪول ڀٽا پئٽرول پمپ سميت شھر جي اڪثر محلن ۾ برساتي پاڻي جا تلاء بيٺل آھن صفائي نه ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺڻ بعد تڪ جو چونڊيل ايم پي اي گھنور خان اسراڻ گذريل ھفتي ميروخان پھچي لطيف آباد ڪالوني گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول ۽ زاھد حال واري رستي سميت شھر اندر بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪال لاء ايڊمنسٽريٽر شڪيل احمد وسطڙو کي ھدايتون جاري ڪيون ھيون پر ايڊمنسٽريٽر شڪيل احمد وسطڙي ايم پي اي گھنور خان اسراڻ جي ھدايتن تي ڪو به عمل نه ڪيو جنھن جي ڪري ھن وقت به لطيف آباد ڪالوني ۽ گرلس اسڪول جي مين گيٽ اڳيان برساتي پاڻي جا تلاء بيٺل آھن جنھن ڪري رھواسن کي سخت تڪليف درپيش اچي رھي آھي ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته اونھاري جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد تعليمي ادا کلي ويا آھن پر گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول جي مين گيٽ اڳيان ھن وقت به برساتي پاڻي جو تلاء بيٺل جنھن ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاء اسڪول ويندڙ شھر جي سوين نياڻين کي گندي پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو جيڪا شرم جھڙي ڳالھ آھي اسين تڪ جي چونڊيل نمائندن گھنور خان اسراڻ ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ جاويد نبي کوسو ۽ اعلي عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته بنا دير لطيف آباد ڪالوني ۽ گرلس اسڪول اڳيان بيٺل برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرائي نااھل ايڊمنسٽريٽر شڪيل احمد وسطڙو کي ھٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

ٻنون لڳ 15 ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل

ٻنون (ن ع آ) ٻنون لڳ يوسي لائق پور جي ڳوٺ پپو جھانگاڻي سميت 15 کان وڌيڪ مختلف ڳوٺ اڃا تائين مڪمل طور برساتي پاڻي ھيٺآيل آھن جڏھن ته ڳوٺن ڏانھن ويندڙ سمورا  لنڪ روڊ پاڻي ھيٺ اچڻ کان پوءِ ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو مڪمل طور تي ڪٽيل آھي، ڳوٺن جا قبرستان ۽ اسڪولن جون عمارتون پاڻي ھيٺ آھن، ان سلسلي ۾ لائق پور جي ڳوٺ پپو جھانگاڻي ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن سان واسطو رکندڙ رھواسين پيرو مگسي،  نادر مگسي، مبين مگسي، شير محمد مگسي، غفارمگسي، ڪليم الله گگو ۽ ٻين سجاول ضلعي جي انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو  ته حڪومتي ڌرين ۽ سجاول جي ضلعي انتظاميا يوسي لائق پور جي عوام کي بي يار و مددگار ڇڏي ڏنو آھي، ڳوٺ پپو جھانگاڻي سميت ڀرپاسي جا 15 کان وڌيڪ ڳوٺ اڃا تائين برساتي پاڻي ھيٺ آيل آھن، ڳوٺ جو قديم قبرستان پريل شاھ بخاري ۽ ڳوٺن جي پرائمري اسڪولن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي، جنھن سبب گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين منھن ڪڍيو آھي، ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل آھي، انتظاميا ڪا به پرگھور لھڻ لاءِ  تيار ناھي، ھنن سنڌ حڪومت سجاول جي ڊي سي ۽ حد جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته لائق پور جي ڳوٺ پپو جھانگاڻي سميت ٻين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

  • ڏهرڪي جي 20 کان وڌيڪ، ڳوٺن ۾ برسات، فصل تباهه، ڳوٺاڻا پريشان

ڏهرڪي(رپورٽ : اسد لغاري ) ڏهرڪي تعلقي جي 8 نمبر ۽ راجا فارم واري علائقي ۾ برساتي پاڻي تباهي آڻي ڇڏي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن سجاول مهر ،ساجن مهر، خير محمد مهر ،سوڍو مهر ،علو مهر ڳوٺ سميت 20 کان  وڌيڪ ڳوٺن ۾ تباهي اچي ويئي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ويئي سوين ايڪڙن تي بيٺل ووئنڻن ۽ مڱ ڦرين جو فصل تباهه ٿي ويو،ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن خدابخش مهر ،عطامحمد مهر ،آدم مهر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان انتظاميه کي هن سڄي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آھي پر هن وقت تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن اسان جي ڪا سار ناهي لڌي اسان جو شهرن سان زميني رابطو به ڪٽجي ويو آھي، پر انتظاميه کي اسان تي رحم نه ٿو اچي روزانو ڪوڙا دلاسا ڏنا وڃن ٿا،  اسان جا ڪيترائي ڳوٺ آھن جن مان ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ ڪري کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن

  • سنڌو ۾ چاڙهه،الرا جاگيربچاءُ بند 4 . 5 ۽ 6 ميل وٽ پاڻي جو دٻاءُ

پريالوءِ ( ن ع آ ) سنڌودرياهه ۾ پاڻي مسلسل چاڙهه جو سلسلو جاري آهي . درياهه ۾ پاڻي چاڙهه ڪري سکر بئراج وٽ ننڊٻوڏ برقرار هوڏانهن سکر بئراج وٽان پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ڪري پريالوءِ جي الراجاگير بچاءُ بند 4 . 5 6 ميل وٽ پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ جو سلسلو جاري آهي . هوڏانهن الرا جاگير . فيض محمد ٻنڊو . صدرجون ڀٽيون . ڪنگري جي ڪچي واري علائقن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي جنهن ڪري ڳوٺ ڪجلو خروس .ڳوٺ مينگهو خروس . ڳوٺ شاهنواز خروس . ڳوٺ حسن ناريجو . ڳوٺ گل حسن منڱڻيجو . ڳوٺ ڀلي ڏنو سميت 15 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن جڏهن ته ڄاڻايل علائقن ۾ سوين ايڪڙن ۾ پوکيل ڪرنگهه . جوئر . ووئنڻ . سبزي سميت ٻيون پوکون پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. هوڏانهن ڪيترائي ڳوٺاڻا ڪچي مان لڏپلاڻ ڪري پڪي جي طرف اچي رهيا آهن هوڏانهن پريالوء آبپاشي عملدار الراجاگير بچاءُ بند جي زيرو پوائنٽ کان ناريجا لوپ بند تائين بچاءُ بندن ۾ پيل روڙون بند ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏي آهي.

  • لاڙڪاڻي ۾ برسات جو پاڻي بيهي ويو، 4 جنريٽر خراب، شهري پريشان

لاڙڪاڻو ( ڊ ر ) لاڙڪاڻي شھر جي پاڻي جي نيڪال جا اٽڪل 30 ڊسپوزل پبلڪ ھيلٿ کاتي جي انتظاميھ جي نگراني ھيٺ ھلندڙ آھن،  جن مان 4 ڊسپوزل جا موٽر ۽ جنريٽر خراب ٿي ويا آھن، جنھن ڪري شھر جي مختلف ھنڌن تي بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ٿيڻ بجاءِ روڊن تي ٻيھر تلائن جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. جنھن مان مختلف بيماريون پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ شھرين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفون رسي رھيون آھن، پر پبلڪ ھيلٿ کاتي جو انجنيئر اڪبر ميتلو خراب ٿي ويل ڊسپوزل کي ھن وقت تائين چالو حالت ۾ آڻڻ لاءِ ناڪام ٿي ويو آھي ۽ شھر مان پاڻي نيڪال نھ ٿيڻ جو ذميوار پڻ ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين اڳواڻن پاران انجنيئر کي ئي ذميوار قرار ڏنو ويو آھي. ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميونسپل ڪمشنر سيد امداد علي شآھھ سان پاڻي نيڪال نھ ٿيڻ بابت رابطو ڪيو ويو. جنھن ٻڌايو تھ لاڙڪاڻي شھر ۾ پوندڙ تازي مينھن جو پاڻي اڪثر علائقن مان وڏين ڪوششن سان نيڪال ڪرايو ويو آھي. پر پبلڪ ھيلٿ کاتي جي حوالي ٿيل 4 ڊسپوزل جن ۾ دودائي روڊ، پير شير روڊ، ڦل روڊ ۽ نظر محلا ۾ قائم ٿيل ڊسپوزل جا موٽر ۽ ايمرجنسي تحت ھلندڙ جنريٽر خراب ٿي ويا آھن. جنھن جي نتيجي ۾ ريشم گلي، جيلس بازار ايمپائر روڊ، مڇي مارڪيٽ سميت مختلف ھنڌن تي پاڻي نيڪال ٿيڻ بجاءِ ٻاھر نڪري روڊن تي جمع ٿي وڃي ٿو  جنھن کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي کي وڏي مشڪلاتن جو منھن ڏيڻو پيو آھي ۽ مشڪلاتن سان بيٺل پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو تھ جيئن شھرين کي ڪا تڪليف پيش نھ اچي، ھوڏانھن شھر واسين سنڌ جي وڏي وزير ۽ مڪاني کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي آھي تھ پبلڪ ھيلٿ جي نا اھل انجنيئر خلاف ڪاروائي ڪري خراب پيل 4 ڊسپوزل کي فوري طور تي چالو حالت ۾ آندو وڃي تھ جيئن شھر جي مختلف ھنڌن تي بيھندڙ پاڻي جو مستقل بندوبست ٿي سگھي

  • سکر ۾ برسات بعد شهر ۾ مختلف بيماريون پکڙجي ويون

سکر  ( رپورٽر )  برسات کي ڏينھن گزري ويا پر پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل ڪارپوريشن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو اگھو ننڊ ۾ ستل گٽرن جو گندو پاڻي ۽  برسات جو بچل شاھ مياڻي اندر روڊن تي تلائن جو ڏيک ڏئي رھيو آھي گندي پاڻي جي ڪري گرمي سبب شھر اندر مختلف بيمارين چمڙي، گيسٽرو ـ.مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آهن،  ڪاروباري مرڪز گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري متاثر ٿيو آھي، اعليٰ  اختاريون اھڙي معامري جو نوٽيس وٺي بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين کي ٻٽي عزاب مان ڪڍي سھولتون فراھم ڪري پنھنجو قردار ادا ڪري ته جيئن شھري مختلف بيمارين کان بچي سگھن.

  • ٿر ۾ وسڪاري سان مال متارو، گهر گهر کير ولوڙڻ شروع

مٺي( ن ع آ) کير،مکڻ،لسي، ڌنورو جام،وڏي عرصي بعد گهرن ۾ لسي ولوڙڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا،گاھ ٿيڻ بعد چوپايو مال کير موٽائي  آيو،جنهن بعد ٿرواسي مکڻ،کير، لسي،ڌنورو پي خوش آهن،ڏٻرو ٿي ويل ڌڻ به متارو ٿي رهيو آهي، مٺي:ماروي جي ديس ٿر تازين برساتن بعد سائي چادر اوڍي ورتي،ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن سائي چادر ۾ ملبوس ٿيڻ بعد پنهنجو روپ بدلائي ورتو،هر پاسي ساوڪ جا خوبصورت منظر ڏسڻ وٽان آهي،مسلسل پياسي رهندڙ ڌرتي جي سيني تي رنگ برنگا گل ڦُٽڻ شروع ٿي ويا آهن،جهنگ ڏهرن ۾ ساوڪ اُڀري آئي آهي،جنهن سبب بکن ۾ پاھ ٿيل چوپائي مال لاءِ گاھ پڻ ڦُٽي رهيو آهي،جنهن سبب مسلسل بکن ۾ پاھ ٿيل ڍور گاھ کائي بک اُجهائيندي نظر اچن ٿا،هيل ڀليون برساتون پوڻ کانپوءِ ٿرين جو اميدون جاڳي پيون آهن،جيڪي هيل سال ڀلو فصل لهڻ جون اميدون سانڍي ٻنين جي ڪمن ڪارن ۾ لڳي ويا آهن،ٿر پنهنجو روپ بدلائيندي ڪشمير جو روپ ڌاري ورتو آهي،هن وقت پکي پکڻ،جانور توڙي ماروئڙا بيحد خوشي ۾ جهومندي نظر اچن ٿا،

  • برساتن ۾ خيرپور جون کجيون تباهه ٿيون آهن: قائم علي شاهه

خيرپور (س ر )  سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني، انجمن تاجران خيرپور جي صدر حاجي لالا عبدالغفار شیخ، ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو، ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي تان تازو ڪامياب ٿيل حاجي عبدالمجيد شيخ ۽ ٻين ٺيڙهي جي ڀرسان کجور جي باغن ۾ وڃي ڪري تازين برساتن کجي جي فصل جو جائزو ورتو ان موقعي تي کجور جي آبادگارن غلام حسين ڦلپوٽو، امتياز ميمڻ، ۽ ٻين کين ٻڌايو ته تازين برساتن سبب کجور جو فصل مڪمل تباه ٿي ويو آهي جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ اوهان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري آبادگارن کي رليف فراهم ڪرايو ته جيئن آبادگارن جي نقصان جو ازالو ٿي سگهي، جڏهن ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آبادگارن کي يقين ڏياريو ته هو کجي جي آبادگارن جي نقصان جو ازالي لاءِ ذاتي ڪوشش وٺي انهن کي رليف فراهم ڪرائيندس مان آبادگارن سان ڏک سک ۾ گڏ آهيان، ان موقعي تي سيد قائم علي شاهه جيلاني ۽ ٻين دعا گهري ته الله سائين وڌيڪ برساتن کان بچائي.

  • بدين جا 7 ڳوٺ برساتي پاڻي هيٺ، اسڪول به نه کُلي سگهيا

بدين  (ڊ ر) بدين جي يوسي حاجي سومار جا 7 ڳوٺ مراد کوسو،امام بخش کوسو. اميد کوسو، بلوچ کوسو ۽ جمعو کوسو مان برساتي پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي ڪچا گھر ڊھي پيا آهن جڏهن ته اسڪولي عمارتون پاڻي هيٺ هئڻ ڪري اڄ تدريسي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيون.ڳوٺاڻن محمد خان کوسو، عبدالغني کوسو،  شريف کوسو،  احسان کوسو  ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته 7 ڳوٺن جي ھزارين ماڻھن جي آبادي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري پريشاني جو شڪار آھي. ھنن چيو ته بار بار انتظاميا کي درخواستون ڏنيون ته اسان کي ھنگامي بنيادن تي کوٽائي واري مشين فراھم ڪريو ته جيئن ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي جو رستو ٺاھي ڀر واري سم نالي ۾ ڇوڙ ڪري سگھون پر انتظاميا رڳو دلاسا ڏئي رھي آھي جڏھن ته چونڊيل نمائندن وٽ ويا آھيون پر اسان جي ڪو به واھر ڪرڻ وارو نه آھي. ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته جيڪڏهن ھنگامي بنيادن تي مشين جي فراھمي نه ڪئي وئي ته ايندڙ برساتي سسٽم ۾ اسان جا ڳوٺ ۽ رھيل فصل تباھ برباد ٿي ويندا. ڳوٺاڻن اعلي عملدارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي ايندڙ برساتن کان اڳ کوٽائي جي مشين فراھم ڪري ڳوٺن مان ترت برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جا اپاءُ ورتا وڃن.

  • راڻيپور مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، شهرين کي ڏکيائيون

راڻيپور (ن ع آ) راڻي پور ۽ ان جي آسپاس ۾ تازي پيل برساتي پاڻي مختلف جائين تان نيڪال نه ٿيڻ سبب شھر ۾ مختلف بيمارن ڪَرُ کينو.  جنھن ۾ چمڙي، اکين، خارش، مليريا سميت ڪيترين ئي بيمارين ۾ شھري وٺجي ويا آھن. جنھن بعد شھر جي سماجي تنظمين ۾ تاءُ پکڙيجي ويو آھي. سيواڪر ۽ انساني حقن جي تنظمين جي اڳواڻ عاصي فقير محمد عباسي، شھري فورم جي اڳواڻ فاروق دايو، شاھ لطيف فائونڊيشن اڳواڻ شيخ شڪيل، مشتاق مغل، ميان اعجاز علي عباسي، امانت علي شاھاڻي، مقصود شاھاڻي ۽ ٻين چيو ته ٽائون انتظاميه ھر مھيني ايندڙ لکين رپين جي بجيٽ صرف ڪاغذن ۾ ھڙپ ڪري رھيا آھن جڏھن ته شھر ۾ ھڪ رپئي جو به ڪم نه ٿيو آھي جي اھو ڪم ٿئي ھان ته اڄ شھر جي اھا حالت نه ھجي ھان. ھنن وڌيڪ چيو ته انتظامي نااھليءَ سبب بيٺل پاڻي جي ڪري ڪيترين ئي بيمارين ڪر کينو آھي. جنھن سبب اسان جا ٻارڙا، وڏن سميت مال ۾ پڻ بيماريون وڌي رھيون آھن. جيڪڏھن تڪڙا اُپاءُ نه کينا ويا ته شھر ۾ بيماريون اڃان وڌي سگھي ٿي. ان جي لاءِ ھتان جي مقامي ۽ اعلي اخيتارين کي تڪڙا اُپاءُ کڻي شھر مان پاڻي نيڪال ڪري شھرين کي بيمارين کان بچائي انھن جون زندگيون بچايون وڃن. ٻئي صورت ۾ ڪورٽ جو درواز کٽڪايو ويندو.

  • ميهڙ ويجهو برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، احتجاج جو چتاءُ

ميھڙ (ن ع آ)  ميهڙ ڀرسان قاضي عارف شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو مين روڊ سميت شهر جا اڪثر حصا پاڻي هيٺ آيل آھن جنهن سبب  نه صرف ڪاروبار بند پيل آھي پر شهري عذاب هيٺ آھن برسات بعد هر طرف پاڻي بيهڻ سبب شهر ۾ گندگي پکڙجي وئي آھي جنھن سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي ھنن چيو ته اسڪول کلي رھيا آھن پر اسڪول جي در اڳيان نالين جو گندو پاڻي بيھي ويو آھي جنھن سبب ٻارڙن کي پڻ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو پر ان باوجود ڪنهن به سرڪاري اداري يا چونڊيل نمائندن تحرڪ ناهي ورتو يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري برسات کان پوء شهر جو دورو به ڪري ناهي سگهيو قاضي عارف جي شهرين ڊاڪٽر خادم حسين سوڍر،مبين سوڍر، حسن وڪو،شاھن ملاح،حاجي شبير سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو ته لکئين روپين جي بجيٽ باوجود شهر جي صفائي نه پئي ٿئي هنن گهر ڪئي آھي ته قاضي عارف شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

  • کپرو  ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪاري بعد مڇرن جو آزار، اسپري شروع

کپرو (ن ع آ ) کپرو جي مختلف  يونين ڪائونسل  لوڻ کاڻ ھٿونگو سميت مختلف  يونين ڪائونسلن ۾ پ پ ايم اين اي وفاقي  وزير شازيا مري پ پ ضلع سانگھڙ  جي صدر  علي حسن ھنگورجو  پ پ سينيٽر قرت العين مري  ۽ ڊي سي سانگھڙ  ڊاڪٽر  عمران الحسن خواجا  جي ھدايتن تحت مختلف يونين ڪائونسل جي ڳوٺن حاجي جعفر بوزدار , سليمان , ٻڍو بوزدار سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾  مڇر مار اسپري  اڄ کان شروع ڪيو ويو آهي  اڄ يونين  ڪائونسل  جي  سيڪريٽري  محمد عظيم بوزدار سيڪريٽري   سليمان  ڪنڀر واحد سميجو پاران مختلف  يونين ڪائونسلن  ۾ مڇر مار اسپري ڪرڻ لاء ٽيمون جوڙي مڇرمار اسپري جي  شروعات ڪري ڇڏي آهي  مڇر مار اسپري جي نگراني چونڊيل بلدياتي نمائندن حوالي ڪئي وئي  آھي  ياد رھي تازين برساتن بعد تعلقي کپرو ۾  مڇرن جو آزار تمام گهڻو وڌي ويو مڇرن جي آزار سبب رهواسين جون ننڍون حرام ٿي ويون ٻئي طرف هٿونگو يونين جي ڍليار , باکريچي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ تازين چوماسي جي برساتن کانپوء مڇرن جو آزار وڌي ويو مڇرن جي آزار سبب رهواسي راتيون جاڳڻ تي مجبور ڪيترائي رهواسي مڇرن جي آزار سبب مليريا جهڙي موضي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا مڇرن جي آزار سبب چوپائي مال جون ڇڙيون لڳل بلدياتي چونڊيل يوسي چيرمين توڙي ڪائونسلر ڏکي مهل علائقي واسين جي ڪم نه اچي سگهيا

  • شهدادپور ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، شهرين جو احتجاج

شھدادپور( ن ع آ)  شھر جي نانگي شاھ روڊ تان برسات۽  گٽر  جو گندو پاڻي نه ڪڍڻ خلاف رھواسين جو علي چوڪ تي ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاھرو ميونسپل  انتظاميا  خلاف نعريبازي, برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي انصاف جو مطالبو شھر جي نانگي شاھ روڊ نوراني مسجد, سيد پاڙي مان ٻن مھينن کان بيٺل گٽرن جو گندو پاڻي ۽ تازو برساتن جو جمع ٿيل پاڻي انتظاميا پاران  نه ڪڍرائڻ خلاف علي چوڪ تي سوين رھواسين ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاھرو ڪري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي رھواسين صمد ٻگھيو, حسنين راجپوت, يامين خلجي,شفقت الله قريشي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي علائقن ۾ ٻن مھينن کان گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي روز ان بدبودار جمع ٿيل پاڻي ۾ معصوم ٻار, عورتون توڙي مرد ڪريو زخمي ٿيو پون اسان کي خطرو آهي ته بيٺل بدبوء دار پاڻي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿي پوي گوڏي جيترو بيٺل برسات ۽ گٽرن جو گندو پاڻي ٻن مھينن کان نيڪال نه ڪرڻ سبب ھرطرف  بدبوء ڦھلجي وئي آهي  پاڻي بيھڻ  سبب موذي مرضن جنم ورتو آهي۽  مختلف بيمارين ۾   وڪوڙجي ويا آهن ميونسپل ڪميٽي جي نااھل ڪامورن کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود اسان علائقي واسين جي ھڪ به نه ٿي ٻڌي وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته اگر ڄاڻايل علائقن مان پاڻي جلد نيڪال نه ڪيو ويو ته ميونسپل ڪميٽي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي بک ھڙتال ڪنداسين.

  • کوکراپار ۾ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪئمپ قائم

کوکراپار (ن ع آ ) ملير ۾ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ مختلف علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ امدادي ڪيمپون قائم .عوام طرفان راشن  ،ڪپڙا ،دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون جمع ڪرايون ويون ،ٽرڪن ۽ ٻين گاڏين ۾ سامان کڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقي لسٻيلو روانا ،انساني همدردي طور ملير جي ماڻهن طرفان مدد لاءِ ٻه وکون اڳتي وڌي ڪم ڪرڻ تي خوش ٿيا آهيون ڪيمپ تي موجود سياسي سماجي اڳواڻن جون صحافين سان ڳالهايون تفصيل موجب تازو برساتن سبب بلوچستان ۾ ٿيندڙ انساني تباهي تي متاثرن جي هنگامي بنيادن تي مدد ڪرڻ واري جذبي تحت ملير ضلعي جي مختلف علائقن گڏاپ ،ذڪريا ڳوٺ ،ميمڻ ڳوٺ ،درساڻو ڇنو ،ملا عيسي ڳوٺ ،شرافي ڳوٺ ،شفيع ڳوٺ ،سلمان ٽاور لڳ امداد ڪيمپ لڳايا ويا جن جو گذريل ڏينھن عوامي پريس ڪلب ملير جي ٽيم طرفان تفصيلي دورو ڪيو ويو ۽ رضاڪارن سان ملاقات ڪئي ويئي جن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ برسات جي ٻوڏ جي ور ڇڙهي ٻارڙن ۽ عورتن سميت هڪ سو کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بنجي ويا آهن ماڻهو دربدر بک ۽ بيمارين  منهن ڪڍيو آهي اهڙي حالت ۾ ملير جي ماڻهن سندن ڏکن ۾ برابر جي شرڪت ڪندي وس آھرسندن مدد لاءِ ڪيمپون قائم ڪيون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.