نينگر اغوا جو الزام ڪوڙو آهي، ماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ ) ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ رئيس شاھنواز مھر جي رھواسين جو مبينا ڪوڙن الزامن خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي  تي احتجاج ڪندي رئيس منظور مھر، موج علي مھر، فوج علي مھر، شاھبيگ مھر ۽ ٻين چيو ته خان محمد مھر، حاڪم مھر ۽ صاحب مھر وارن سان ٻن سالن کان زمين جي مالڪي تان تڪرار ھلندڙ آھي، ھنن چيو ته گذريل ڏينهن ڄاڻايل جوابدارن اسان مٿان نينگر جي اغوا جو ڪوڙو الزام لڳايو آهي، اسان ڪنھن کي به اغوا ناھي ڪيو ۽ نه وري ڪنھن کي اغوا جي ڪوشش ڪئي آھي، ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي پنهنجي زمين واپس ڪرائي ڏني وڃي ۽ اسان مٿان لڳل ڪوڙا الزام ختم ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.