ڪنري جي علائقي ٻسٽان ۾حيسڪو خلاف ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو

ڪنري (ت ر) ڪنري لڳ ٻسٽان جي ڀٽي پاڙي، خاصخيلي پاڙي، ڪپري پاڙي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شھرين ٻسٽان ۾ ميرپورخاص روڊ مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي دولت خاصخيلي، حاجي ھاشم ڪپري، راشد آرائين، محمد رحيم ڀٽي ۽ ٻين چيو ته ھڪ ھفتي کان ٽرانسفارمر سڙيل آھي جنھن کي تبديل ڪرائڻ لاءِ حيسڪو وارا ڳري رشوت گھرن پيا، دانھي دانھي ٿڪي پيا آھيون پر ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. بجلي بند ھجڻ سبب سخت پريشان آھيون، ھنن گھر ڪئي ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.