ٽنڊو غلام حيدر ۾لاشاري برادري جي ڌرين ۾ تڪرار جو نبيرو

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ مير محمد لاشاري ۾ ڪافي عرصي کان لاشاري برادري جي ٻن سڳن سوئٽن غلام عباس لاشاري ۽ علي اڪبر لاشاري ۾ زمين جي معاملي تان هلندڙ تڪرار جو اڄ نبيرو لاشاري برادري جي چيف سردار غلام مصطفيٰ لاشاري جي سر پئنچي ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد هلندڙ تڪرار ختم ڪرائي کير کنڊ ڪرايو ويو،ان موقعي جي لاشاري قوم جي چيف سردار غلام مصطفي لاشاري چيو ته هيءُ لاشاري برادري جي ٻن سوئٽن وچ ۾ زميني معاملو هلندڙ هو پر اسان ڪوشش ڪري ڪريون ٿا ته اهڙا معاملا جنم نه وٺڻ جن سان برادرين سميت قومن ۾ نفرتون پيدا ٿين لاشاري قوم غريب آهي ڪنهن به صورت ۾ برادرين توڙي عزيزن کي الڳ نه ڪرڻ ڪنداسين هن چيو ته آئون پنهنجي قوم جو ٿورائتو آهيان جن مونکي مان ڏيندي پاڻ ۾ محبتون قائم ڪيون آهن،ان موقعي تي حاجي گلزار لاشاري،حاجي نهال لاشاري،حاجي محمد صديق لاشاري،ملان شير محمد لاشاري،صحافي خادم حسين لاشاري،فضل محمد لاشاري،محبوب پلھ خليل پٽاڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.