شڪارپور ۾ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

شڪارپور (ڊ ر)شڪارپور شھر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ۾ هڪ مهينو اڳ ڪورٽ مان حاضري کان واپسي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن نوجوانن جميل بروهي ۽ ذڪريا بروھي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن  جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. اھڙي عمل خلاف مقتول جي وارثن صدورو بروھي، حاجي واحد بخش بروهي جي اڳواڻي ۾بروهي برادري جي ماڻهن  احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن الزام هنيو  ته ايس ايڇ او نيوفوجداري قاتلن جي ڌر بڻيل آھي،هو قاتلن کي تحفظ فراهم ڪري رھيو آھي، اسين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته مک روڊ تي ڌرڻو هڻنداسين هنن چيو ته پوليس جي ناانصافين خلاف اڄ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سان ملاقات ڪري ايس ايڇ او نيوفوجداري ۽ ڊي ايس پي سٽي شڪارپور جي ظلمن کان آگاهه ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.