شادي پلي ويجهو سم نالي مان اڻڄاتل شخص جو ڳريل لاش هٿ

شادي پلي ( ن ع آ)شادي پلي لڳ ميرپورخاص تعلقي ٿاڻي جي حد بلوچ آباد  اسٽاپ  وٽ  مين سم نالي مان هڪ اڻڄاتل  اڌڙوٽ شخص جو ڳريل لاش لڙھندي ھٿ آيو، جنهن کي پوليس ۽ ڳوٺاڻن گڏجي پاڻي مان ڪڍيو.پوليس ٻڌايو ته لاش جو هيٺيون ڌڙ ٻوري ۾ بند هو، جنهن مان قتل جو شڪ ظاهر ٿئي ٿو.پوليس لاش سول اسپتال ميرپور خاص منتقل ڪري ڇڏيو.

  • بجلي جي اوزارن ۽ مشينري جو آمدني واپار مئي ۾ 22 سيڪڙو گهٽجي ويو: پي بي ايس

اسلام آباد (م ڊ) بجلي جي اوزارن ۽ مشينري جو آمدني واپار 22 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو. انگن اکرن واري اداري (پي بي ايس) جي رپورٽ مطابق مئي 2022 ۾ بجلي جي اوزارن ۽ مشينري جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 149.4 ملين ڊالر تائين گهٽجي ويو جڏهن ته مئي 2021 دوران  آمدني واپار جي ماليت 190.7 ملين ڊالر رهي هئي. اهڙي طرح مئي 2021 جي ڀيٽ ۾ مئي 2022 دوران بجلي جي اوزارن ۽ مشينري جي آمدني واپار ۾ 41.3 ملين ڊالر يعني 22 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

  • ڀارت ۾ هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جا 19673 ڪيس رپورٽ، 39 فوتگيون

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 19673 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ وبا سبب متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ 44019811 تائين پهچي ويو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي صحت واري وزارت طرفان جاري انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ فعال ڪيسز جو انگ 143676 تائين پهچي ويو آهي. هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 39 فوتگين سان ڀارت ۾ وبا سبب فوتگين جو مجموعي انگ 526357 تائين پهچي ويو آهي.

  • ايران: سويڊن جو شهري جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار

تهران (م ڊ) ايران ۾ سويڊن جي هڪ شهري کي جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي. رائٽرز ايراني خابرو اداري جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته جاسوسي جي الزام ۾ سويڊن جي شهري جي گرفتاري جي تصديق ڪئي وئي آهي پر ان ڳالهه جي وضاحت ناهي ڪئي وئي ته سندس گرفتاري ڪڏهن عمل ۾ آئي. ان شخص جي گرفتاري بابت سويڊن جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اسانجي وزارت ان معاملي کان آگاهه آهي.ويڊن جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اي ميل جاري بيان ۾ وضاحت ڪئي ته ان کي ان بابت علم آهي ۽ ڪجهه عرصي کان ان جي تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.

  • لنڊي جي ڪپڙن جي آمدني واپار ۾ مئي دوران 14.05 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي: پي بي ايس

اسلام آباد (م ڊ) لنڊي جي ڪپڙن جي آمدني واپار ۾ مئي دوران 14.05 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. انگن اکرن واري اداري پي بي ايس جي رپورٽ مطابق ان دوران آمدني واپار جي ماليت 4.9 ارب روپين تائين گهٽجي وئي جڏهن ته مئي 2021 دوران پراڻن ڪپڙن جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 5.7 ارب روپيا رهيو هو. اهڙي طرح مئي 2021 جي ڀيٽ ۾ مئي 2022 دوران لنڊي جي ڪپڙن جي قومي آمدني واپار ۾ 80 ڪروڙ روپيا يعني 14 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

  • غلاف ڪعبه جي تياري تي 2 ڪروڙ 50 لک ريال خرچ آيو: عبدالحميد المالڪي

مڪو شريف (م ڊ) سعودي عرب م غلاف ڪعبه تيار ڪندڙ فيڪٽري جي انڊر سيڪريٽري عبدالحميد المالڪي چيو آهي ته نئين علاف ڪعبه جي تياري تي اٽڪل 2 ڪروڙ 50 لک ريال خرچ آيو آهي جڏهن ته پراڻو غلاف ڪعبه فيڪٽري جي مخصوص گودام ۾ پهچايو ويو  آهي. عرب سڌ سماءُ وارن ذريعن انڊر سيڪريٽري عبدالحميد المالڪي جي حوالي سان بڌايو ته غلاف ڪعبه جي تياري ۾ دنيا جو بهترين ريشن استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو اٽلي ۽ جرمني مان گهرايو ويندو آهي. ڪسوه ڪعبه تي ڪشيده ڪاري لاءِ خالص چاندي ۽ سون جا تار استعمال ڪيا ويندا آهن جڏهن ته سون جو پاڻي چڙهيل چاندي جا تار پڻ استعمال ٿيندا آهن، اهي مخصوص تار پڻ جرمني مان گهرايا ويندا آهن.  المالڪي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪسوه ڪعبه جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ مختلس شين جو مجموعي وزن 1200 ڪلوگرام آهي، انهن شين کي خاص طور تي غلاف ڪعبه لاءِ تيار ڪرايو ويندو آهي ۽ پراڻي غلاف ڪعبه جي حوالي سان المالڪي جو چوڻ هو ته ڪعبه شريف تان لاٿل غلاف ايئن ئي طئي ڪري فيڪٽري جي گودام ۾ پهچايو ويندو آهي جنهن جي داخلا رجسٽر ۾ ڪئي ويندي آهي. واضه رهي ته هلندڙ سال خانه ڪعبه شريف جي علاف جي تبديلي جو عمل پهرين محرم تي ڪيو ويو. ان حوالي سان سڄي دنيا ۾ غلقف ڪعبه جي تبديلي جي مرحلن کي سڌي ريت نشر ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.