ماٿيلي لڳ نينگر اغوا ڪوشش، زمين تي قبضو، متاثرن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ ) ميرپورماٿيلو ويجھو سرحد ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ محمد عثمان مھر جي رھواسين جو زمين تي قبضي ۽ نينگر کي اغوا جي ڪوشش خلاف ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خان محمد مھر، صاحب مھر، سجاد علي مھر، حاڪم علي مھر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار منظور مھر، شاھ بيگ مھر، موج علي مھر، فوج علي مھر وارن اسان جي 12 جريب قبولي زمين تي ٽي سال اڳ قبضو ڪيو ھو جيڪو اڃان تائين برقرار آھي، پوليس زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ ۾ اسان جي ڪا به مدد نه ٿي ڪري، ھنن چيو ته گذريل ڏينهن ڄاڻايل جوابدارن اسان جي 12 سالا نينگر علي خان مھر مٿان تشدد ڪيو ۽ کيس اغوا جي ڪوشش ڪئي آھي، ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي اسان جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي، نينگر کي اغوا ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.