ڏوڪري ۾ جهيڙي جي زخمي دم ڏنو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ۾ ٽي هفتا اڳ چانڊيا ۽  جتوئي برادرين ۾ معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نظام الدين جتوئي فوت ٿي ويو. فوتي جي مامي سڪندر جتوئي جي فرياد تي ٻن ڀائرن سعيد چانڊيو، الطاف چانڊيو، انور موريو، اعجاز چانڊيو، علي اصغر چانڊيو ۽ هڪ نامعلوم مٿان ڏوڪري ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. هوڏانهن ڏوڪري پوليس جوابدارن خلاف ڳوٺ محرم چانڊيو، رائيس ريسرچ سينٽر جي ڪالوني سميت مختلف هنڌن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا، پوليس جوابدارن جا ڍور ڪاهي وئي. هوڏانهن فوتي نظام الدين جتوئي کي اباڻي ڳوٺ بخش جتوئي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.