ڏوڪري ۾ عزادارن جو غير قانوني لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ۾ غيرقانوني لوڊشيڊنگ خلاف شيعا علماءِ ڪائونسل ۽ الحسيني مرڪزي امام بارگاھ جي اڳواڻ جو احتجاجي مظاهرو. ڏوڪري سيپڪو عملدارن پاران محرم الحرام ۾ الحسيني مرڪزي امام بارگاھ جو ٽرانسفارمر بند ڪرڻ ۽ غيرقانوني لوڊشيڊنگ خلاف زوار قاضي وحيد علي، قاضي زيب حسين، ذاڪر پٺاڻ، زاهد ڪلهوڙو، محمد اسلم جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ذوالحج کان نائين محرم الحرام تائين الحسيني مرڪزي امام بارگاھ ۾ ڪم هلندو آهي، سيپڪو عملدارن ذوالحج کان وٺي الحسيني مرڪزي امام بارگاھ جو ٽرانسفارمر مختلف بهانا ڪري بند ڪري ڇڏين ٿا.  بنا دير الحسيني مرڪزي امام بارگاھ جو ٽرانسفارمر هلائي محرم الحرام ۾ غيرقانوني لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

  • رڪن ٻرڙا ۾ امام بارگاهون سجائي ياحسين جون صدائون

رڪن ٻرڙا ( ن ع آ)  محرم الحرام شروع ٿيڻ سان ئي مرڪزي امام بارگاھ باب حيدر رڪن ٻرڙا, سچار پڙ ابڙا امام بارگاھ حسيني امام بارگاھ,  حيدري امام بارگاھ اٺون ميل, سيد مٺل شاھ امام بارگاھ, سيد نور شاھ امام بارگاھ , وفاء عباس نور شاھ, علي المرتضي امام بارگاھ سميت رڪن ٻرڙا جي ھڪ سئو کان به وڌيڪ امام بارگاھن  کي سجائي ياحسين جي صدائون  سان سوار ڪيا ويا سيد مٺل شاھ امام بارگاھ رڪن ٻرڙا  سميت مٿين امام بارگاھن تي  حضرت امام حسين ع جي ياد ۾ نياز امام حسين ع ۽ سبيلن جو سلسلو شروع  ٻئي طرف مرڪزي امام بارگاھ باب حيدر  رڪن ٻرڙا جو علم پاڪ سوار ڪرڻ دوران متولي غلام عباس حيدري ڳالهائيندي چيوته حسينيت ھڪ حق سچ جو نالو آھي اسان مسلمان مومن وڏا  نصيبن وارا آھيون جو اسان حسينيت جا پوء لڳ آھيون ڪربلا جو واقعو عالم اسلام لاء ھڪ وڏو حقيقي انسانيت لاء اسلامي درس آھي.

  • محرم الحرام انتظامن جي سلسلي ۾ ڪراچي واٽر بورڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو

ڪراچي (پ ر) مڪاني ادارن واري وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي خصوصي  هدايتن تي ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي محرم الحرام انتظامن جي سلسلي ۾ واٽر بورڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ پاران آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو ته يوم عاشورا محرم الحرام  کان اڳ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي لاءِ تڪڙا ۽ موثر قدم کنيا وڃن ۽ سمورين امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوس جي رستن تي نيڪالي واري سمورين شڪايتن کي فوري طور تي ختم ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪندي سمورن کليل مين هولز تي رنگ سليب ۽ ڍڪ لڳايا وڃي ته جيئن شهرين ۽ عزادارن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پوي، ايم ڊي واٽر بورڊ پاران چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو ۽ فوڪل پرسن هائيڊرينٽ سيل شهباز بشير کي ھدايتون جاري ڪندي چيو ته اھي شعيا علماءَ ڪرام ۽ جعفري الائينس جي مرڪزي اڳواڻن سان مڪمل رابطي ۾ رھن ۽ يوم عاشور تائين سمورين امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوسن جي رستن تي مفت واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا وڃن، ايم ڊي واٽر بورڊ سمورن چيف انجنيئرز، سپرنٽينڊنٽ انجنيئرز ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز کي ھدايتون ڏيندي چيو ته واٽر بورڊ جا عملدار سمورين امام بارگاهن، مجلس گاھن ۽ جلوس جي رستن تي جيٽنگ ۽ سڪشن مشينن سميت هاءِ الرٽ رهن ته جيئن ڪنھن ھنگامي صورتحال کي منهن ڏيئي سگهجي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي خصوصي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي واٽر بورڊ عملو شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي.

  • سکر ۾ محرم الحرام سلسلي ۾ پوليس پاران فليگ مارچ

سکر  ( رپورٽر ) سکر ضلعي۾  محرم الحرام  دوران امن  امان جي صورتحال برقرار رکندي ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ  ايس پي سٽي  سعد ارشد جي  اڳواڻي ۾ بچل شاھ مياڻي سٽي پوانٽ کان فليگ مارچ جو آغاز ڪيو بيڪو ملٽري روڊ ،گرم گودي،  پوليس لائين ، ڪئنس روڊ ، اسٽيشن روڊ ـ ايوب گيٽ ـ منارا روڊ کان ٿيندو ڪربلا ميدان روھڙي پھتو فليگ مارچ ۾ ڊي ايس پيز ايس ايڇ اوز ڊي آءِ بي انچارج سميت ٻيا شامل هئا فلنگ مارچ جو مقصد پوليس کي ھاءِ الرٽ رھڻو آهي موجودهه صورتحال ۽  محرم الحرام جي دوران پوري ضلعي اندر ڏوھن جو خاتمو ۽ امن امان کي بحال ڪرڻ آھي ان دوران پوليس زائرين توڙي شھرين ۽ عوام جي جان مال جي حفاظت جي زميوار آھي

  • خيرپور ۾ عزاداري دوران 5 هزار اهلڪار مقرر  ڪرڻ جو  فيصلو 

خيرپور( س ر ) محرم الحرام دوران امن و امان بحال رکڻ، حفاظتي انتظامن ۽ مجلسن، جلوسن ۽ ٻين پروگرامن جي جائزي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سيف الله ابڙو ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ، رينجرز جي ونگ ڪمانڊر ڪرنل محمد عظيم سان گڏجي ضلعي جي اٺن ئي تعلقن جي امام بارگاهن، ماتمي پڙن ۽ مجلس جي هنڌن سميت جلوسن جي گزرگاهن جو دورو ڪيو دوري دوران جاگير علي اڪبر، امام بارگاهه راڻي پور، امام بارگاهه کهڙا، مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري، امام بارگاهه گمبٽ سميت ٻين امام بارگاهن ۾ جائزو ورتو ويو ان موقعي تي ڊي سي خيرپور سمورن انتظامي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران صفائي سٿرائي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، اسٽريٽ لائٽ سميت ٻين اپائن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ صوبوديرو، خيرپور، گمبٽ، نارا، ٺري ميرواهه، فيض گنج، ڪوٽ ڏجي ڪنگري تعلقن ۾ بهتر نموني سان اپائن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. دوري دوران ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ پهرين محرم کان 10 محرم جي آخري جلوس تائين پوليس کاتي خيرپور پاران 5000 هزار کان وڌيڪ اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويندا سيڪيورٽي فول پروف بڻائڻ لاءِ ڪانٽي جنسي محرم پلان جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان به نگراني ڪئي پئي وڃي هوڏانهن رينجرز جي ونگ ڪمانڊر ڪرنل محمد عظيم ٻڌايو ته محرم الحرام دوران رينجر زپاران آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته جلوسن ۾ پڻ رينجرز ڏيوٽي سر انجام ڏيندي.

  • ڪوٽڏيجي۾صفائي جو نظام ڊانواڊول، ماتمي روٽن تي پاڻي بيٺل، احتجاج

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي ۾ محرم الحرام دوران صفائي سٿرائي جو نظام ڊانواڊول مرڪزي ماتمي روٽن تي برساتي پاڻي گوڏي  جيڏو بيٺل لائيٽنگ نه ٿيڻ ڪري روڊ رستا انداهي جي ور چڙهيل سيڪورٽي جا انتظام اڻ پورا ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ايس ايس پي خيرپور رينجرز مجلس عزا ۽ ماتمي جلوس جي روٽن جو وزٽ باوجود تعلقي انتظاميه عمل نه ڪيو عزادارن ۾ بيچيني پکڙيل خبر موجب  ڪوٽڏيجي ۾ ٽائون انتظاميا جي نااھلي سبب محرم الحرام ايندي ئي مجلس عزا ۽ ماتمي جلوس جي روٽ رستن تي برساتي پاڻي گوڏي جيڏو بيٺل آهي  برساتي پاڻي جي نيڪالي نه ٿيڻ ڪري عزادارن کي اچ وڃ ۾ تمام گهڻي تڪليفون درپيش اچي رهيا آهن ان سلسلي ۾ مومن عزادارن رحمت الله، غلام محمد جي اڳواڻي ۾ ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو ٽائون انتظاميا نااھل ٿي ويو آهي محرم الحرام ۾ ڪوٽڊيجي تعلقي اندر  تاريخي عزاداري ٿيندي آهي جتي هزارين عزادار مومن شريڪ ٿيندا آهن ماتمي روٽن تي برسات جو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري عزادار سخت پريشان آهن مجلس عزا ماتمي روٽن تي برسات جو پاڻي تلاءُ جيان بيٺل آهي جنهن کي ڪنهن جو به نظر نه ٿو پوي هنن وڌيڪ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، ايس ايس پي خيرپور رينجرز ونگ ڪمانڊر پاران به ماتمي جلوسن جي روٽ رستن جو وزٽ ڪري تعلقي انتظاميا کي سختي سان تاڪيد ڪئي ته شهر مان برساتي پاڻي نيڪالي ڪرائي ماتمي روٽن جي چوڪ چورائڻ تي لائيٽون لڳائي پوليس اهلڪار بيهاري انتظام سخت ڪيا وڃن ته مومن کي ڪائي به تڪليف نه اچي سگهي ۽ مذهبي تنظيمن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ان باوجود برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء ٽائون انتظاميا هن وقت تائين ڪي به جوڳا اُپاء نه کنيا آهن پوليس ۽ ٽائون انتظاميا مجلس عزا ماتمي جلوسن جي روٽ رستن تي نه لائيٽنگ جو بندوبست ڪيو ويو آهي نه ئي سڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن  مومن عزادارن وزير اعلي سنڌ، مڪاني کاتي جي صوبائي وزير، آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ماتمي روٽن تي بيٺل برسات جو پاڻي نيڪالي ڪرائي لائيٽنگ ۽ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.