جنگشاهي لڳ نوجوان ناري بيدردي سان قتل، قاتل گرفتار

ٺٽو(ڊر) جنگشاھي کان 16 ڪلوميٽر پري ڪوھستاني ڳوٺ علي احمد جوکيو ۾ جوابدار صفدر جوکيو بندوق جا فائر ڪري غير شادي شدہ نوجوان نياڻي گلناز ڌيء ذوالفقار جوکيو کي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن جو لاش جنگشاھي پوليس پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال مڪلي منتقل ڪري جوابدار صفدر جوکيو کي گرفتار ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي، ٻئي طرف بيدردي سان قتل ٿي ويل نوجوان نياڻي گلناز جوکيو جي والد ذوالفقار جوکيو ٻڌايو تہ سندن مڪلي ۽ جنگشاھي لڳ ڳوٺ علي احمد جوکيو ۾ گھر آھن، ھي مڪلي واري گھر موجود ھو تہ کيس نياڻي جي قتل جي خبر پئي آھي، جنھن لاش کڻائي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاء اندو اھي. ھن چيو تہ سندس نياڻي جي سندس ڀائٽي صفدر سان صبح سويل شڪار تي ويندي منھن ماري ٿي آھي، جنھن ڪاوڙ ۾ اچي بندوق جا فائر ڪري سندس نياڻي کي قتل ڪيو اھي، ھن چيو تہ پوليس قاتل کي گرفتار ڪيو اھي، نياڻي کي ڪفن دفن ڏيڻ بعد ڪيس داخل ڪرايو ويندو، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نہ سگھيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.