صوماليا: بم حملي ۾ هڪ رياستي وزير سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، 11 زخمي

موغاديشو (م ڊ) صوماليا جي شهر بيدوا ۾ بم حملي جي نتيجي ۾ رياستي وزير سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ 11 زخمي ٿي پيا، حملي جي ذميواري ڪنهن قبول ناهي ڪئي. ترڪ سڌ سماءُ وارن ذريعن بيدوا جي سيڪيورٽي آفيسر جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو بم حملو نماز دوران ڪيو ويو. هن چيو ته ان حملي ۾ ڏکڻ اولهه رياست جي انصاف واري وزير ابراهيم لگبر سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ۽ 11 زخمي ٿيا. سيڪيورٽي آفيسر چيو ته هن وقت تائين ڪنهن گروپ بم حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي. سيڪيورٽي اختيارين حملي کان فوري بعد سموري علائقي تي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.