لاڙڪاڻي ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف جسم جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ ضلعي طرفان سنڌ ۾ آباد افغانين ۽ ٻين ڌارين سان ڪاروبار جو بائيڪاٽ ڪري کين صوبي  مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي جسم جي وائيس چيئرمين فيض الله جوڻيجو، علي نواز جت، ڊاڪٽر آدم ٻٽ، سراج ڪلهوڙو، اصغر شيخ، فضل حيدري، آزاد نجاري، سرور ابڙو، گوهر سنڌي، ڪريم چانڊيو، محمد علي ابڙو ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ريلي ڪڍڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته سنڌ ۾ آباد افغاني پٺاڻن سميت ٻين ڌارين سان ڪاروبار جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪري کين صوبي مان نيڪالي ڏيڻ آهي، جنهن لاءِ اسان شهر ۾ ريلي ذريعي سنڌي ماڻهن کي آگاهي پڻ ڏئي رهيا آهيون. هنن چيو ته دنيا ۾ ڪو به اهڙو مڪل نه آهي جتي بنا ڪنهن جهل پل جي غيرملڪي ماڻهو رهندا هجن، بس هڪڙو پاڪستان آهي جيڪو گذريل مني صدي کان پنهنجي قائم ٿيڻ سان ئي مقامي ماڻهن سان ناانصافيون جاري رکندي ڌارين لاءِ ڌروازا کولي ڇڏيا آهن، جيڪي اڄ ڏينهن تائين بند نه ٿي سگهيا آهن، هندستانين جو اچڻ بند ٿيو ته گذريل 50 سالن کان وٺي افغانين جو اچڻ جاري آهي، باوجود ان جي ته سپريم ڪورٽ اڄ کان 11 سال اڳ افغانين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جون واضع هدايتون ڪيون هيون، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ اندر آباد افغانين سميت ٻين ڌارين کي فوري طور تي نيڪالي ڏئي ڌرتي ڌڻين سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.