بٺوري ۾وڌيڪ هڪ شهريءَ کان ڦر، بدامني خلاف بک هڙتال

ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپور بٺورو ۾ پوليس جي نااهلي سبب بدامني وڌي وئي،هٿيابند روڊ جو مرمتي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار هادي بخش ڪلهوڙو کي يرغمال بڻائي کانئس 10 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته جاتي چوڪ روڊ تي قاسم علي شاهه درگاھ وٽ ٻڻ نوجوانن ارشاد ۽ امتياز کوڙ کان ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڳوٺاڻن ڀڄي پاڻ کي بچائي ورتو، هوڏانهن ورو شاهه محلي مان پڻ گل حسن کٽي جي گهر مٿان رکيل سولر پليٽ چور کڻي ويا.هوڏانهن ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل ڦر واقعي خلاف ماما صديق سوهو ۽ ڪوڪڙي برادري جي پورهيتن نيشنل بئنڪ چوڪ تي ٽئين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.