خانپور مهر ۾ نوجوان تي وحشياڻو تشدد، ميگهواڙ برادري جو ڌرڻو

خانپورمهر ( ن ع آ )  خانپورمهر پوليس پاران نوجوان وجي ڪمار مينگهواڙ مٿان وحشياڻي تشدد خلاف هندو مينگهواڙ برادري جي سوين ماڻهن زخمي نوجوان وجئي کي لوڊر رڪشا ۾ کڻي ٺڪراٺو اسٽينڊ کان پنج گلي چوڪ تائين ريلي ڪڍي،احتجاج ڪندڙ پنج گلي چوڪ تي ڌرڻو هڻي سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ايڊووڪيٽ پرديپ ڪمار ، لال چند، امر لال سيجواڻي، هيرالال، کيئل داس،هريش ڪمار ،راجه۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خانپورمهر پوليس بااثر هندو سيٺن جي چوڻ تي اسان جي نوجوان وجئي ڪمار مٿان وحشياڻو تشدد ڪري زيادتي ڪئي آهي، هنن چيو ته بااثر هندو سيٺن رشوت ڏئي پاڻ ويهي پوليس هٿان نوجوان تي تشدد ڪرايو آهي نوجوان گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي، مظاهرين ڊي آء جي سکر ،ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوجوان تي تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن ۽ بااثر هندو سيٺن  بچارام ،موتي رام، امبريش ڪمار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين عدالت ۾ وينداسين واضع رهي ته ٻه ڏينهن اڳ نوجوان وجئي ڪمار مينگهواڙ کي هندو ناري سان مبينا ڇيڙ ڇاڙڪرڻ جي الزام هيٺ سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.