اڳڙا ۾ روزينا گوپانگ جي قتل خلاف ساڃاهه وندن جو احتجاج

اڳڙا (ن ع آ) ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ مڙس هٿان بيدرديءَ سان قتل ٿيل روزينا گوپانگ جي وارثن ۽ سڃاڻ ڌرن قوم پرست اڳواڻن پاران اڳڙا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيان سان ڳالهائيندي چيو ته روزينا گوپانگ کي پنهنجي مڙس طلاق ڏئي ڇڏي هئي ان باوجود به هو ان کي تنگ ڪندو رهندو هيو ۽ قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏيندو رهيو روزينا گوپانگ هڪ هڪ آفيسر اڳيان داهيندي رهي روئيندي رهي پر ڪنهن کي به هن معصوم نياڻي تي رحم نه آيو آخر ڪار هو قتل ٿي وئي روزينا گوپانگ جو قتل قانون جي موھ تي داگ بڻيل آهي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن يا سنڌ پوليس جي ڪن تي جوءِ نٿي چري، فوري طور تي جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.