عادلپور ۾ پوليس ڪارروائي، جوا اڏي تي ڇاپو، 2 جوابدار گرفتار

گهوٽڪي ( ڊ ر) ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو جي حڪم تي عادلپور ٿاڻي جي پوليس گشت جي دوران ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ،جوا کيڏندي،آڪڙا پرچي هلائيندي جوابدار تي ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن علي گل ،غلام سرور  کي 52 پتا تاش، نقد رقم 700 ۽ هڪ ايل سي ڊي  سميت گرفتار ڪري ورتو،جڏهن ته 01 ساٿي جوابدار گهنور لانگاھ  موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو،پوليس جوابدار کي ٿاڻي تي کڻي آئي سندس مٿن ۽ ساٿين سميت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻي ڪارروائي ۾ لڌو مل ولد ٻڍو مل وٽان 6 عدد شراب بوتلون ۽ نقد رقم 400 سميت گرفتار ڪري ورتو ،پوليس جوابدار کي ٿاڻي تي کڻي آئي مٿن منشيات آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.