گهگهر مان گهرائي اغوا ڪيل نوجوان جي وارثن کان ڀنگ طلب

کوکراپار (ن ع آ) ملير جي علائقي گهگهر مان عورت جي آواز تي هرکجي ڪنڌ ڪوٽ پهچي اغوا ٿيل نوجوان صالح محمد ڪانڌڙو جي ڀاءٌ  محمد هارون ڪانڌڙو ، سهري حبيب الله ڪانڌڙو ۽ سوٽن نظام الدين ڪانڌڙو ،عبدالغفور ڪانڌڙو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي خاندان سوڌو ملير جي گهگهر واري علائقي ۾ رهون ٿا۔ جتي پورهيو ڪري ٻچن جو گذر ڪري رهيا آهيون هلندڙ مهيني 24 جولائي تي اسان جو نوجوان صالح محمد ڪانڌڙو عورتاڻي آواز ۾ آيل فون تي لڳي رشتو طئي ڪرڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ روانو ٿيو جتان اغوا ٿي ويو آهي جتي کيس اڄ ڏهون ڏينهن گذري ويو آهي هنن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اوچتو سندس فون آيو جنهن ۾ هو روئي رهيو هو سندس چوڻ هو ته کيس ٽنگن ۾ ڳوليون هڻي زخمي ڪيو ويو آهي ۽ بدترين تشدد ڪري سندس آزادي لاءِ پنجاهه لک روپين جي گهر ڪئي پئي وڃي هنن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته  اسان کي اغوا ڪيل صالح محمد جي گهرواري ٻڌايو ته اولاد نه ٿيڻ تي هو پريشان هو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان هو ڪنهن عورت سان فون تي لڪي ڳالهائيندو هو ۽ گهر ۾ چوندو هو ته هو ان عورت سان ضرور ملندو ۽ ٻئي شادي ڪندو ۽ آخرڪار هو عورت سان ملڻ لاءِ رات پيٽ ۾ ڪنڌڪوٽ روانو ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.