رهڙڪي لڳ زمين مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ زخمي

ڏھرڪي ( ت ر ) رهڙڪي ويجهو ڳوٺ ڪوڙو سميجو ۾ سميجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙو ٿي پيو. جنھن دوران   لٺيون ۽ چاقو لڳڻ سبب امداد علي سخت زخمي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي زخمي جي والد حضور بخش سميجو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي زمين تي ربنواز سميجو، صدام سميجو، رحمت علي، موج علي، شوڪت علي سميجو ۽ ٻيا قبضو ڪرڻ چاهين پيا. اڄ صبح جو منهنجو پٽ امدد علي سميجو پاڙي ۾ خيرات تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ربنواز سميجو، موج علي سميجو ،رحمت علي سميجو ۽ ٻين حملو ڪري منهنجي پٽ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هن وقت نازڪ حالت ۾  اسپتال داخل آهي. رھڙڪي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.