ناريل جو پاڻي صحت ۽ خوبصورتيءَ جو ضامن

 

ناريل جو پاڻي هر هنڌ سولائيءَ سان ملي ويندو آهي پر ڇا اهو جسم لاءِ فائديمند هوندو آهي؟

آمريڪا جي مايو ڪلينڪ موجب ناريل جو پاڻي ڪچي ناريل مان حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان کي علم نه هجي ته ڄاڻي وٺو هڪ ناريل کي پچڻ ۾ 10 مهينن جو عرصو لڳندو آهي.

ته ڇا ناريل جو پاڻي صحت لاءِ فائديمند آهي ۽ اهو پيئڻ گهرجي؟

ناريل جي پاڻي ۾ ڪيلوريز ۽ ڪاربوهائيڊريٽس جي مقدار گهٽ هوندي آهي، جڏهن ته منرلز جهڙوڪ پوٽاشيم، سوڊيم ۽ ميگنيشيم موجود هوندا آهن.

اهي منرلز جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪندا آهن، خاص طور جسم مان پگهر خارج ٿيڻ سبب پيدا ٿيندڙ کوٽ کي.

اڪثر ماڻهن جي غذا ۾ پوٽاشيم جي مقدار گهٽ هوندي آهي، اهو منرل جسم مان واڌو لوڻياٺ کي پيشاب رستي خارج ڪندو آهي، جڏهن ته بلڊ پريشر کي گهٽ رکڻ ۾ به مدد فراهم ڪندو آهي.

شروعاتي تحقيق سان اشارو ملي ٿو ته هاءِ بلڊ پريشر سان متاثر ماڻهو جيڪڏهن ناريل جو پاڻي استعمال ڪري ته بلڊ پريشر جي سطح ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

پر دوائون استعمال ڪندڙ مريض کي ڊاڪٽر سان صلاح مشوري کانپوءِ ناريل جو پاڻي پيئڻ گهرجي.

فروٽ جوسن ۾ کنڊ، ڪيلوريز ۽ ڪاربوهائيڊريٽس جي مقدار گهڻي هوندي آهي، جڏهن ته ناريل جي پاڻي ۾ ڪيلوريز جي مقدار گهٽ هوندي آهي، جيڪا ان کي مٺي شربتن جو بهترين متبادل بڻائڻ لاءِ ڪافي آهي.

ناريل جي پاڻي ۾ 24 سيڪڙو پاڻي هوندو آهي، جڏهن ته سڻڀ ۽ ڪوليسٽرول موجود ناهي هوندو، ماهرن موجب ناريل جو پاڻي پيئندي بس اهو خيال رکجي ته ان ۾ لوڻ جو واڌارو نه ڪجي.

گڙدي ۾ پٿري جو مرض عام آهي ۽ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان ان کان بچاءُ ممڪن هوندو آهي، هڪ تحقيق موجب ناريل جو پاڻي جسم مان پوٽاشيم ۽ ڪلورائيڊ خارج ڪرڻ جي عمل کي وڌائيندو آهي، جنهن سان گڙدي ۾ پٿري جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.

ماهرن موجب ناريل جو پاڻي متوازن غذا جو حصو ٿي سگهي ٿو.

ناريل جو پاڻي جراثيمن جو خاتمو ڪندو آهي، جنهن سان جلد به صاف ٿئي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.