مريم اورنگزيب ”بشريٰ بي بي جي هدايتن تي ٺاهيل شاهڪار“ پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي اصل ۽ ايڊٽ ڪيل وڊيوز ميڊيا کي پيش ڪري ڇڏيون.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف جي بلوچستان جي دوري جي وڊيو ايڊٽ ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ آواز به شامل ڪيو ويو آهي.

هن وڊيو جو ذميوار پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سوشل ميڊيا ونگ کي قرار ڏنو ۽ چيو ته هي بشريٰ بي بي پاران ارسلان کي ڏنل هدايتن جو تازو شاهڪار آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بشريٰ بي بي جي ٺاهيل اصل ۽ نقل وڊيو ٻئي موجود آهن، اصل وڊيو مون ٺاهي هئي ۽ ڪالهه شام ​​4 لڳي 28 منٽن تي ميڊيا کي جاري ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.