نوابشاهه ۾ افضال شاهه ٽائون جي رهواسين جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

رهواسين رستم پٺاڻ، غلام علي رند، ميوو کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي رهواسين ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته گذريل ٽن ڏينهن کان علائقي ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي جيڪو واپڊا عملدارن شڪايتن باوجود اڃا تائين تبديل ناهي ڪيو.

هنن چيو ته قهر جهڙي گرمي ۾ ٽن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، معصوم ٻارڙا ۽ عورتون تڙپي رهيون آهن.

رهواسين مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير افضال شاهه ٽائون جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري رهواسين کي ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.